توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ سانگهڙ ۾ سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ جو افتتاح ڪيو، جنهن تحت سنڌ جي ڏهن ضلعن ۾ عوام کي 60 سيڪڙو ادائگي تي معياري سولر پاور فراهم ڪئي ويندو. جنهن جي ادائگي تي 40 سيڪڙو سنڌ حڪومت برداشت ڪندي. حڪومت طرفان ٽوتل 42000 رپيا في خاندان کي سولر انرجي پروجيڪٽ جو سامان فراهم ڪيو ويندو جنهن جي پهرين مرحلي ۾ سانگهڙ ضلعو ۽ خيرپور ميرس ضلعو شامل آهي جتي پرائيويٽ ڪمپنين ۽ مختلف اين جي اوز جو تعاون حاصل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته هي منصوبو ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان شروع ڪيو پيو وڃي جنهن جي پهرين مرحلي ۾ سانگهڙ ۽ خيرپور ميرس ضلعن جي عوام کي في خاندان بنا وياج جي قرض تي سولر ڏنو پيو وڃي. اسان جو مقصد سنڌ جي عوام کي بجلي جي لوڊشيڊنگ جي عذاب مان ٻاهر ڪڍڻو آهي هن وقت ملڪ جي مختلف ضلعن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ روز جو معمول بڻيل آهي جڏهن ته سنڌ ۾ انڊسٽري بجلي ۽ گيس جي عدم دستيابي سبب سخت متاثر ٿي آهي ۽ سنڌ گيس ۽ بجلي پيدا ڪندڙ وڏو صوبو آهي . ان موقعي تي سينيٽر قرة العين مري، آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ جو چيئرمين امام الدين شوقين، ايم اين اي نويد ديرو، ايم پي اي ڄام شبير خان، رانا عبدالستار، صوبائي صلاحڪار جاويد ناياب لغاري، علي حسن هنڱورجو، جهانگير جوڻيجو، اورنگزيب مري، امان الله مري، عمر گل هنگورجو، امير چانڊيو، حاجي ايوب وساڻ، راجيش ڪمار هرداساڻي، ذيشان وساڻ، منصور جبار ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ جي عوام سان زيادتي ڪئي آهي، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، اين آئي سي وي ڊي ۽ گمبٽ اسپتال مفت ۾ علاج ڪن ٿيون ۽ ڪنديون رهنديون اسان ڪوڙا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ وارا ناهيون. هن چيو ته مان پڇان ٿو ته ملڪ جو جيڪو حشر ڪيو ويو آهي اهو اوهان جي سامهون آهي، هن چيو ته هن وقت سنڌ صحت جي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ نمبر ون تي آهي. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي 27 فيبروري تي مارچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ پارٽي جيڪو به فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪنداسين.