ڪراچي جو ڪورنگي ضلعو جتي قانون جي حڪمراني نالي ڪا به شيء ناهي هر طرف چور بازار لٽ مار ۽ ڪرپشن ڀرمار لڳي پئي آهي. انتطاميه جا ڪامورا به عوامي خدمت بدران رڳو مال ميڙڻ ۾ رڌل رهن ٿا جڏهن ته عوامي مسئلا جا انبار لڳل آهن شهري انتطاميه ترقياتي رٿائن جا ملندڙ فنڊز به غضب ڪري عوام کي ننڌڻڪو ڪري ويٺل آهن پيپلز پارٽي جيڪا عوامي حڪومت جي دعوي ڪندڙ آهي اها پنهنجا من پسند آفيسر مقامي اڳواڻن جي اثر هيٺ مقرر ڪندي ٺيڪي تي ڏياري انهن وسيلي کائو ۽ کارايو واري پاليسي تي عمل پيرا بڻيل آهي انهن ڪاريندن وسيلي سرڪاري بجيٽ مان وڏو حصو کڻڻ سميت لينڊ گريبرز سان به ملي ڀڳت ڪري سرڪاري توڙي عام ماڻهن جي ملڪيتن گهرن کي نيلام ڪري رهي آهي.ساڳئي ريت پوليس به سندن اشاري تي ريموٽ ڪنٽرول جيان هلندڙ آهي پوليس جنهن جو بنيادي ڪم عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ سميت سندن جان مال جي حفاظت ڪرڻ آهي اها به پنهنجي فرض کان غافل ٿي عوام جو رت چوسڻ ۾ رڌل رهي ٿي جيڪا منشيات فروشي کي هٿي ڏيڻ سميت لينڊ گريبرن کي سپورٽ ڏئي گهرن توڙي پلاٽن تي قبضا ڪرڻ ۾ سندن ساٿ ڏيندي نظر اچي پئي پوليس جي اهڙي ملي ڀڳت سبب قبضا گيري به منظم طريقي سان شروع ٿي وئي آهي هڪ پاسي ڪي ڊي اي جي ملي ڀڳت سان جعلي ٽرانسفر فائلن ذريعي غريب مسڪين ماڻهن جي گهرن تي قبضا ڪيا پيا وڃن ته ٻئي طرف وري رات جي اونداهي ۾ ڏاڍ جبر ذريعي ماڻهن جي گهرن اندر مافيا جا ماڻهو گهرن اندر داخل ٿي مسڪين ماڻهن کي زبردستي گهرن مان بيدخل ڪري سندن گهرن تي قابض ٿي رهيا آهن ذريعا ان حوالي سان ٻڌائن پيا ته گهر توڙي ڪنهن به پلاٽ تي قبضي لاء ايس ايس پي ڪورنگي سان سڌي ريت ڊيلنگ ڪري ڳري رشوت طئي ڪرڻ بعد اها مافيا جا ديده دليري سان ماڻهو غريبن جا جهڳا اجاڙڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي سندن اهڙيو ڪاروائيون تيزي سان جاري آهن .جڏهن ته ڪورنگي جي سرڪاري توڙي فلاحي ڪمن لاء مختص ڪيل زمينن توڙي پلاٽن تي قبضن لاء ڊي سي ڪورنگي کان سپورٽ حاصل ڪندي سرڪاري املاڪ مٿان قبضا به زور شور سان هلندڙ آهن جن بابت پي ٽي آء جي پارلياماني اڳواڻ خرم شير زمان .حليم عادل شيخ .اڳوڻي ضلعي صدر ڪورنگي گوهر خٽڪ طرفان آواز اٿارڻڻ سميت مهراڻ ميڊيا سينٽر جي صحافين پاران اخبارن ۾ قبضي بابت اسٽوريون شايع ڪيون ويون اهڙي دانهن ڪوڪ ٿيڻ تي ضلعي انتطاميه طرفان نانگ هليو وڃي ليڪا لتاڙجڻ واري مثال تحت نالي متاثر ڏيکاء خاطر ڪاروائي ڪري غريب ۽ بي سهارا ماڻهن خلاف ڪاروايون ڪري مافيا جو وار به ونگو ناهي ڪيو ويو. جنهن جو تازو مثال ملير ندي بند جي ڀر صائمه هائوسنگ سوسائٽي واري ٿيندڙ قبضن جي نالي تي ڪاروائي آهي جنهن ۾ رڳو ڊي سي سيلم الله اوڍو پاران اهڙي مثالي ڪاروائي آهي جنهن منجهه رڳو مسڪين ماڻهن جا گهر ڊاهڻ آهي جڏهن ته مافيا جي قبضي واري هڪ سر کي به هٿ نه لائڻ مان واضع ٿي ته هتي رڳو ڏاڍو سو گابو بڻيل آهي ملير ندي جي ڀر جناح ميڊيڪل روڊ سان ٿيندڙ قبضي واري ديوار جو تعميراتي ڪم جاري ساري آهي جنهن بابت لينڊ مافيا جو موئق سامهون آيو آهي ته اها زمين هنن ليز تي ورتي آهي جڏهن ته سرڪاري طرفان هن وقت ڪا به ليز پاليسي ناهي هڪ پاسي موجوده سرڪاري ڪامورن جا اها ڪارنامه آهن ته ٻئي طرف ڪورنگي جي سابقه ميونسپل ڪمشنر مسرور ميمڻ ۽ سندن ساٿين جي ميگا ڪرپشن ظاهر ٿي جيڪي نيب راولپنڊي جي ٽيم هٿان وڏي خزاني سوڌو گرفتار ڪيا ويا آهن اهڙي ڪرپشن اسڪينڊل نه رڳو ڪورنگي ڪراچي بلڪه پوري ملڪ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي ته هڪ سرڪاري ڪاموري وٽ 7 ڪروڙ رقم جنهن ۾ ملڪي توڙي غير ملڪي ڪرنسي ڊالر ريال کان علاوه سون جو سرون بٽڻ سميت ملين روپين ٽي ٽي رسيدون هٿ ڪيون ويون ساڳئي وقت نيب ٽيم جو اهو به موئق سامهون آيو ته ميونسپل ڪمشنر مسرور ميمڻ پاران پئسا ملڪ کان ٻاهر به منتقل ڪيا ويا آهن سوال اهو پئدا ٿئي ٿو ته اهو وڏو خزانو ڪورنگي جي عوام جي ڀلائي واري ڪمن جو ڪرپشن وسيلي گڏ ڪيو ويو جيڪو اڳر ڪورنگي جي ڪمن تي خرچ ٿئي ها ته عوام کي تمام گهڻيون سهولتون ملي سگهن ها مسرور ميمڻ پيپلز پارٽي جو ويجهو سڏجندڙ آفيسر هو جنهن سبب هن ايڏي وڏي ڪرپشن ڪري خزانو گڏ ڪيو جيڪو هو اڪيلي سر نه پر مٿي سطح تائين ان کي شيئر ڪرڻو هو جيڪو نيب هٿان پڪڙجي ويو آهي جڏهن کيس احتساب عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاء آندو ويو ته پ پ جي سگهاري قوت جا ماڻهو سندس دلاسي لاء پهتل هئا.نيب ميگا ڪرپشن ڪهاڻي کي ڪيترو وسيع ڪري ٿي اهو هڪ الڳ سوال آهي پر ڳالهه ڪراچي جي صنعتي ضلعي ڪورنگي جي اقربا پروري جي ڪجي ته آخر ڪار هتان جو عوام ڪيڏانهن وڃي جيڪو لينڊ گريبرن .چورن لٽيرن منشيات فروشن جي عتاب جو شڪار بڻيل آهي آڌي رات توڙي ڏينهن جي روشني هجي لينڊ گريبرن پاران هتان جي مسڪين کي گهرن کان بي گهر ڪرڻ قبضن جو سلسلو جاري هجي رهي ٿو. آخر ڪار اهڙي صورتحال جي عوام ڪنهن در دانهن ڏي ڇاڪاڻ ته پوليس به قبضا گروپ جي ساٿاري هئڻ سبب غريب مسڪين ماڻهن جو هتي جيئن جنجال بڻيل آهي. ڪورنگي اندر هڪ وڏو الميو اهو آهي ته ڪو به ماڻهو اگر قانون گهرجون پوريون هئڻ باوجود به پنهنجي پلاٽ تي تعميراتي ڪم شروع ڪرائي ٿو ته پوليس پهچي ان جي رستا روڪ ڪري پئي.هتي قانوني ڪم مشڪل ۽ غير قانوني ڪم ڇومنتر جيان ٿي وڃن ٿا قبضا مافيا کي پوليس تحفظ ۽ سپورٽ ڏيڻ ۾ رڌل هئڻ بابت ذريعن هڪ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته ايس ايس پي ڪورنگي جي حڪم تي هڪ گهر تي پوليس ذريعي ڪاهه ڪري ننڍ ستل گهر ڀاتين عورتن مردن توڙي معصوم ٻارڙن سميت پنهنجي گهر مان زبردستي تڙي ڪڍڻ بعد قبضا گروپ جي ماڻهن کي ويهاريو ويو جيڪا دانهن آء جي سنڌ وٽ پهتي جنهن معاملي جو بروقت نوٽيس وٺندي چند ڪلاڪن اندر پوليس کي قبضا گيرن کي ٻاهر ڪڍي ساڳئي فيملي کي پنهنجي گهر اندر ويهارڻ جو حڪم ڏنو اهڙي تڪڙي انصاف واري ڪاروائي ته هڪ ايم پي اي کي سندس گهر ۾ ڪم ڪندڙ ماسي جي دانهن ڏيڻ تي ٿي جنهن ذريعي هڪ خاندان بي گهر ٿيڻ کان بچي ويو. هتي روزانو عام ماڻهو سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافي جو ڪير انصاف ڪندو اهو هڪ وڏو سوال آهي. ڪورنگي جي ماڻهن جي درد ڪٿائن جا داستان ڏسي ٻڌي اندر ۾ انهن کي اجاڳر ڪرڻ جو خيال پئدا ٿيڻ تي سندن ترجماني ڪرڻ لاء درد ڪٿا بيان ڪري رهيو آهيان پر اهو به خدشو آهي ته ڪٿي حق سچ جو آواز بلند ڪرڻ تي ڪو ڇڙي نه پوي ڇاڪاڻ ته اڳ به حق سچ لکڻ جي پاداش ۾ اسانجي صحافي دوست مهراڻ ميڊيا سينٽر جي باني فدا جمالي جي گهر ٻاهران بيٺل ڪار گاڏي کي ٽارگيٽ ڪري چوري ڪرائي وئي آهي جنهن بابت ايس ايس پي ڪورنگي .ايس پي لانڍي سابقه اي وي ايل سي ايس ايس پي بشير بروهي وٽ پنڌ ڪيا ويا آهن ته ڪار گاڏي واپس ڪرائي وڃي پر ڏيڊ مهينو گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪار گاڏي ڪو ڏس پنڌ ناهي ملي سگهيو. پر ضمير جي جنجهوڙ مجبور ڪيو آهي جنهن تي مظلوم مسڪينن جو آواز بنجڻ جي ڪوشش ڪريان پيو ته من ڪو سنڌ جو وزير اعلي .چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ .آء جي سنڌ پوليس ملڪي انٽيلجنٽس ادارا ڪورنگي جي عوام جي اهڙي سنگين صورتحال جو نوٽيس وٺي ڪورنگي جي مظلوم ماڻهن سان ٿيندڙ ظلمن بابت ضلعي انتطاميه ڪورنگي ايس ايس پي ڪورنگي کان پڇاڻو ڪن ته آخرڪار ڪورنگي جي عوام سان اهڙا ڪلور ڇو ٿي رهيا آهن هتي ڪورنگي جي عوام سان ٿيندڙ ويڌن ڪرپشن اقربا پروري جهنگل واري قانون جي ذڪر سان گڏ ٻيو به حوالو لازمي ڪندس ته ڪورنگي جيڪو وڏو صنعتي زون آهي انهن صنعتي شعبن اندر ڪم ڪندڙ پورهيت ورڪرز طبقي سان تمام گهڻيون زيادتيون ٿيندڙ آهن اڪثر ڪم ٺيڪيداري نظام هيٺ هلندڙ آهي جنهن ذريعي وڪرز جا بونس گريجوئٽي الائونس به هڙپ ڪرڻ لاء ورڪر کي اڪثر ڪري ڪو نه ڪو سبب ڄاڻائي سال ٻن يا ٽن اندر فيڪٽري مان نيڪال ڏني وڃي ٿي خاص طور عورت ورڪرز کي وڌيڪ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو جنهن لاء سيڪريٽري ليبر ۽ صوبائي وزير ليبر کي اپيل آهي ته فيڪٽري ورڪرز جي مسئلن تي ڌيان ڏئي انهن جا مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪرايا وڃن ڇاڪاڻ ته ملڪي معشيت جي ترقي ۾ ورڪرز پورهيتن جو اهم ڪردار رهي ٿو هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڪورنگي ۾ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ لاء اعلي ادارن سميت حڪومت ڪهڙا ريت اپاء وٺندي عوام کي لينڊ گريبرز چورن لٽيرن جي عتاب کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي ٿو . يا وري ڪورنگي جي عوام جي مقدر ۾ ساڳيائي ڏک سور ۽ تڪليفون لکيل آهن اهو ايندڙ وقت تي خبر پوندي.