سکر ( )تنظيم فڪرونظرسنڌ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي هنگامي گڏجاڻي زير صدارت پروفيسر اصغرمجاهد مهر سنڌ اسلامڪ سينٽر مناره روڊ سکر دفتر مرڪزدعوت القرآن والسنت مسجد زم زم ۾ ٿي گذري جنهن ۾ حافظ فتح محمد مهيسر فضل الله مهيسر مير مشتاق علي لنڊ پروفيسر محمد ابراهيم مهر ذوالفقار ٻرڙو نيازاحمد مهر قاري عبدالعزيز مهيسر صالح محمد ۽ ٻين CEC جي ميمبرن شرڪت ڪئي جنهن ۾ ڪيترا اهم فيصلا ڪيا ويا خصوصي طور تي سنڌ اسلامڪ سينٽر مناره روڊ سکر جيڪو 637 سٽي سروي نمبر ۾ صدر پاڪستان ۽ CMLAجي ڊائريڪٽوز جي روشني ۾ سنڌ حڪومت ۽ ميونسپل ڪاروپوريشن سکر جي باقاعده منظوري سان هڪ عظيم الشان ۽ تاريخ ساز ادارو قائم هو جنهن کي ميونسپل سکر انتظاميه غير آئيني ۽غير قانوني طور تي مسمار ڪري ٽي سال گذرڻ بعد گندڪچري ۽ ملبي جي ڍير قائم ڪري هزارين رپيه منٿلي ۽ ڀته خوري جي بنيادلنڊا بازار قائم ڪري ڇڏي آهي اهو عمل غيرقانوني ۽ غير آئيني آهي ۽ قابل مذمت آهي ميونسپل سکر جو ڪليم آهي ته هي زمين غازي عبدالرشيد پارڪ آهي حالانڪه سٽي سروي نمبر 637 ان پارڪ جي مختيار ڪار سٽي ۾ ڪا به داخلا رکيل ناهي نه روينيو ريڪارڊ ۾ غازي عبدالرشيد پارڪ جو ڪو وجود آهي ان ڪري سنڌ اسلامڪ سينٽر سکر کي مسمار ڪرڻ غيرقانوني سوچي سمجهيل سازش آهي جيڪا سابقه ميئر ارسلان شيخ ۽ پير واحدبخش ميونسپل ڪمشنر سکر شريڪ آهن پر خود سابق ميئر ارسلان اسلام شيخ تاريخي مولانا محمد علي جوهر پارڪ ختم ڪري ان جڳھ تي پنهنجو دفتر تعمير ڪرايو آهي جيڪو قابل مذمت قدم آهي ان خلاف پڻ ڪيس داخل ڪرايو ويندو تنظيم جي سالانه روايت مطابق ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو وڃي ۔