سائين گجر جلالي جو نالو تمام گھڻو اسان ٻڌو ھو، پاڻ ھميشه امن امان ۽ ڀائيچاري رواداري جي لاءِ جھدوجھد ڪندي ڏٺا ويا، اڄ جڏھن جھونن جي جھوپڙي ۾ سائين تي جيئن ئي نظر پئي ته دل ڏاڍي خوش ٿي ۽ چيوسون ته ڪا سيلفي وغيره ڪڍرايون وڃي ويجھا ٿياسين، سائين گجر لسانيات تي ڳالھائي رھيو ھو ۽ چيائين پئي ته لسانيات ھڪ اھڙي وبا آھي ڪنھن خطي کي جيڪڏهن تباھ ڪرڻو ھجي ته اتي لسانيات جو ٻج پوکيو، اُھو جيئن جئين واڌ ڪندو تيئن تيئن پنهنجا اثرات اردگرد ڇڏيندو ويندو، لسانيات جو زھر توھان جي علمي، روحاني، عقلي، ڪاروبار، رشيداري کان وٺي زندگيءَ جي روزمره جي ڳالھ کي تباھ ڪندو ويندو ۽ اوھين ڏسندا رھجو، جيئن اُھا لسانيات اڄ اسلام ۾ فرقن جي صورت ۾، ڪنھن پارٽي ۾ انھن جي دهشت گردي جي ونگن جي صورت ۾، ائين سماجي ۽ اڻ برابريءَ جي تباھ ڪارين جي ويس ۾، نا انصافي ۽ حق تلفي جي روپن ۾ پر لسانيات کي جواب تڏھن ئي ڏئي سگھبو جڏھن اوھان انھن صوفياء ڪرامن جي نصاب کي سمجهڻ لاءِ ڪوششون ڪندا، انھن جي تعليم ۽ ڀائيچاري کي عام ڪندا، محبتن کي نفرتن جي تابع ڪرڻ کا ڪيٻائيندا ويندا، نفرتن جو جواب نفرتن سان جيڪڏهن ڏيڻ بھتر ھجي ته عظيم فلاسافرن کان وٺي انسان ذات جي رھبر نبي سائين حضرت محمد صلي الله عليه وسلم به انھن درندہ صفتن انسانن کي انسانيت سيکارڻ لاءِ معافي جو رواج نه وجھن ھا، پاڻ ڪيڏي نه وڏي مصلحت پسنديءَ کان ڪم وٺي خونين کي به معاف ڪرڻ فرمايو، اھڙي ڪردار سان ڪيترن انسانن جون جانيون ضائيع ٿيڻ کان بچي ويون، خون خرابي جي گندي ڪاروبار کان ماحول محفوظ رھيو، پاڻ تڏھن ته عربي ۽ عجمي جو فرق مٽايو، انصار ۽ مھاجرن کي کي ھڪ صف ۾ بيھاريو پر ان وقت به رئيس المنفاقين ھئا ۽ اڄ اھي وري گوگڙو جي روپ ۾ موجود آھن، جڏھن به جتي به جنھن طرف جي ھوا گھلندي آھي ته اُھي گوگڙو ان موسم وارا ويس ڍڪي ٻاھر نڪري ڪڏھن ڏيڏرن واري ٽان ٽان، ڪڏھن ڪانگن واري ڪان ڪان ڪري ضد ۽ تعصب جو وبا پکيڙي پاڻ ھليا ويندا، ٻي طرف وري سڀ گوگڙو گڏجي ڪنھن نه ڪنھن ڍونڍ تي گڏ ٿي حرام ۽ حلال کي ھٿيڪو ڪري پيا مزا وٺندا، باقي وبا معصوم انسانن کي پئي قرنطينه ڪندي ويندي، مسلسل معاشرو قرنطينه جي ور چڙھندي لاچار ۽ لاغرض ٿيندو پيو ويندو، پر گوگڙو لاءِ گاھ ۽ گڏھ سڀ گڏ، بس سائين گجر جا ڪوڊ ورڊ ۽ گفتگو دنگ ڪري ڇڏيو، ھن نفسا نفسي جي عالم ۾ ٽيڪٽرن ڊرائيورن جي جڳهه تي سياستدانن کي ويھاري سرگس پيا ڪرائين ۽ ڀاڻ سون جا ريٽ پيو پڪاري پوءِ ويچارا آبادگار اڳئي انھن کي ٽماٽن جي ٽاھ ۽ بصرن جي ڀونڊن بي ھوش ڪري ڇڏيو آھي ويچارا ٽيڪٽرن کي به ڪلھن تي کڻڻ لاءِ تيار ويٺا آھن، پوءِ اُتي ڇيلن ۽ گهيٽن جي بدران گڏھن جي فارمنگ نه ڪبي ته پوءِ ٻيو ڇا ڪبو؟ پر گوگڙو وري به گوگڙو رھندو ان کي سڀ ڪجھ ھضم ٿيندو ويندو جيستائين پيسٽي سائيڊ وارو زھر ڏئي ڪا جان ڇڏائجي، پر وري به گوگڙو مارڪيٽ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو جتي به ضرورت پئي ٻٽالو ٿي به کپندو ويندو.