شھدادپور جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ جي احاطي ۾ تاريخ تي آيل عمراڻي ۽ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
جڏهن ته زخمين ۾ گلمير عمراڻي، خان محمد عمراڻي، گلاب خاصخيلي، صابو خاصخصلي ۽ ٻيا شامل آهن.
جهيڙي دوران پوليس نفري گهرائي عدالت ۾ سڪيورٽي سخت ڪئي وئي.
هوڏانهن پوليس جو چوڻ اھي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ تعلقي ٽنڊوآدم ٿاڻي جي حد باگو وداداڻي ۾ زرعي زمين جو تڪرار هلندڙ آهي، ٻنهي ڌرين جا هڪٻئي مٿان ڪيس داخل ڪيل آھن، جيڪي شھدادپور ايڊيشنل ڪورٽ منتقل ڪيا ويا، جتي اڄ ٻي ٻڌڻي تي ڌرين آيل هيون
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1