نوشهرو فيروز (ڊر) سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو جي پريس ڪلب نوشهرو فيروز جي صحافين جي وفد سان گڏ سول اسپتال نوشهرو فيروز جو دورو ڪري ڊاڪٽرن،اسٽاف توڙي مريضن کان حال احوال ورتا ۽ انتظامن جو جائزو ورتو ان موقعي تي صحافين اسپتال جي ماحول ۽ انتظامات تي اطمينان جو اظھار ڪيو ۽ چيو ته اڄ کان اڳ ڪنهن به سول سرجن ذاتي دلچسپي وٺي اسپتال تي ايترو توجه ناهي ڏنو جنهن ڪري اسپتال ۾ ايندڙ غريب مريض پريشان ٿيندا رهيا آھن پر هن وقت ماحول تبديل ڏسڻ ۾ آيو جيڪڏهن ائين ئي دلچسپي رهي ته سول اسپتال ۾ غريب مريضن لاء اڃان ڀلو ٿيندو وفد ۾ پريس ڪلب جو صدر زاهد راڄپر جنرل سيڪريٽري عطا حسين سمون سينئر صحافي زاهد قائمخاني ممتاز سولنگي پيراميڊيڪل اڳواڻ اعجاز ممنائي محمد سعود ٻوهيو محمدجمن هدايت الله سولنگي ۽ حفيظ الله راڄپر ۽ ٻيا ساڻ هئا جن آيل صحافين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هيء اسانجي اسپتال آھي اڄ هڪڙو سول سرجن آھي سڀاڻي ڪو ٻيو هوندو پر اسان هتي ئي موجود هونداسين انڪري پنهنجن ادارن جي پاڻ سنڀال ڪرڻ گهرجي ۽ غريب مريضن جي علاج معالج لاء شھرن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔