سانگهڙ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه سماجي تنظيم هيندز پاران شاهپور چاڪر جي ڪامل شاهه ڪالوني ۾ پاڻيءَ جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي لڳايل آر او پلانٽ جو افتتاح ڪيو ويو انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ميڙاڪي کي مخاطب ٿيندي چيو ته حڪومت سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا جي ڀرپور ڪوشش آهي ته هر ماڻهو کي بنيادي سهولتون سندس ڌر تي فراهم ڪيون وڃن،انھي سلسلي ۾ مختلف سماجي تنظيمن کان پڻ مدد ورتي وڃي پيي. انھي بعد ايگزيڪيوٽو منيجر هيندز منصور جبار ميمڻ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪامل شاهه ڪالوني ۾ لڳايل آر او پلانٽ جو مقصد هتان جي رهواسين کي پيڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي آهي ڇاڪاڻ ته هن ڪالوني ۾ پيڻ جي پاڻي جي اڻاٺ ھيي انهن وڌيڪ چيو ته روزانو جي بنياد تي 5 هزار گيلن پيئڻ جو صاف پاڻي بلڪل مفت فراهم ڪيو وڃي ٿو، انهي کان علاوه ٻه اسڪولن جي سوين شاگردن ۽ هڪ مدرسي جي کٿابين کي پڻ هتان پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه پاران سماجي تنظيم هيندز ۽ ان سربراهه منصور جبار ميمڻ جي ڪم جي تعريف ڪندي چيو ته هيندز سانگهڙ ضلعي ۾ بهترين ۽ ديرپا ڪم ڪيا آهن جنهن جو لاڀ سانگهڙ جا ماڻهو ڪافي سالن تائين حاصل ڪندا.