عبدالواسع مڱريو صاحب ھڪ مثالي استاد , خادم الحجاج ۽ سکر جو سماجي رھنما به نيٺ وڇڙي ويو.
تحرير : مشتاق علي لنڊ
بچھڑا وہ اس ادا سے کے رت ہی بدل گئی
اک شخص پورے شہر کو ویران کر گیا.
استاد عبدالواسع صاحب ھڪ بھترين استاد ھئا . الله تعالي کين اعلي صلاحيتون عطا ڪيون ھيون . پڙھائڻ جو انداز اثرائتو ۽ پرڪشش ھو . تخليقي سرگرمين جي ذريعي سيکارڻ جو ڏانٔ ھو ۽ ٻارن کان ڪم وٺڻ جو به ھنر ھو. عبدالواسع مڱريو صاحب جو , ھر ڪلاس ھر پيرڊ نتيجا ڏيندڙ ھو مفڪر جي ھن قول وانگر
“جتي اوھان وڃو اتي پنهنجو عڪس ڇڏيو ,ان عڪس مان سوچ پيدا ٿيندي ۽ اھا سوچ خوابن ۽ نظرين کي ساڀيان ڪندي ” حاجي عبدالواسع مڱريو صاحب ائين ھر ڪلاس ۾ عملي سرگرمين جي ذريعي باقاعدي پنهنجو عڪس (اثر) ڇڏيندا ھئا. صلاحيتن سان اصل حقيقتن کي واضح ڪندا ھئا . پنهنجي ڪلاسن کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ سائين عبدالواسع جو ڪو به ثاني نه ھو .ھڪ دفعي پاڻ نائين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر ٿيا ته پاڻ اھڙو شاندار ڪلاس ٽائيم ٽيبل ٺھرايو جنهن ۾ استادن جو تصويرون ڏنيون سندن تعليمي قابليت به درج ٿيل ھئي ۽ اھو ٽائيم ٽيبل سڄي ڪلاس جي سونهن بڻجي پيو ھو ـ ائين وري سڀني مضمونن لاء پينافليڪس ٺھرائي مکيه سوالن ۽ جوابن سان سينگاري شاگردن لاء لاڀائتو بڻائي تعليمي ادارن جي تقدس ۽ معياري تعليم کي يقيني بڻائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو ھو ـ اسڪول ۾ ھر وقت تعليمي سرگرميون سندن معمول ھئا. اھڙن تعليمي سرگرمين ۾ 05 آڪٽوبر “استادن جي عالمي ڏھاڙي ” جو به ھڪ محبت ڀريو انداز ھتي پيش ڪرڻ کانسواء رهي نه ٿو سگهجي , پاڻ جڏهن نائين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر ھئا ته پاڻ ان ڪلاس ۾ ٻين مضمون جي استادن مشتاق علي لنڊ -ثناء الله انصاري ـ طارق سومرو ـ محمد علي قاسمي ۽ اسڪول جي ھيڊ ماستر عبدالراشد قريشي صاحب کي “سلام استاد” جا شيلڊ پيش ڪيا ۽ جڏهن ته محبتن ۽ خدمتن جي مڃتا طور کيس ھيڊ ماستر عبدالراشد قريشي صاحب کيس “سلام استاد”شيلڊ پيش ڪئي . سلام استاد شيلڊ ۾ ڇا ته شاھڪار تخليق سان سرجيل ھئي جنهن جي تصوير پيش نظر آهي ـ
حاجي عبدالواسع مڱريو صاحب اعلي انتظامي صلاحيتن جو مالڪ ھو ۽ ھڪ متحرڪ ۽ تاريخ ساز ڪردار ھئا ـ مجموعي طور تي ڊبل سيڪشن ھاءاسڪول سکر کي ھر حوالي سان سنوارڻ ۽ سينگارڻ جي جذبن ۽ خدمتن جي بيان ۽ ساراھ کانسواء ڪو به رهي نه ٿو سگهي. اسڪول جي مختلف ونگس (حصن) جي عمارتن لاء شاندار پينافليڪس “ڀٽائي بلاڪ” ” سچل بلاڪ” ۽ “سامي بلاڪ” نالن سان منصوب ڪرڻ جو اعزاز به عبدالواسع مڱريو صاحب ڏانهن وڃي ٿو. اھا حقيقت آهي ته خوشبو ۽ کستوري کي ڪير به لڪائي نه ٿو سگهي ـ عبدالواسع مڱريو صاحب جي علمي ڪاوشن کي اسڪول جي سڀني شاگردن ,استادن, والدين, عملي سان گڏ اسڪول جي ھيڊ ماستر به پروڙي ورتو ته کيس اسڪول کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ جو مڪمل اختيار ڏنو .
سائين عبدالواسع مڱريو صاحب مختلف تعليمي پينافليڪس ٺھرائي سڄي اسڪول کي سھڻي نموني سان سينگاري ڇڏيو ھو . جذبن ۽ محنتن کي ڏسي اسڪول جي ھيڊ ماستر کيس اسڪاؤٽ ۽ راندين جون به چارجون ڏنيون ـ پاڻ اسڪاؤٽ آفيس کي سھڻي نموني سان سجايو جئين ھڪ وزير جي آفيس ھجي . اسڪاؤٽ جي سرگرمين کي فعال ۽ منظم ڪيو پاڻ شڪارپور ,خيرپور پھچي اسڪاؤٽ سرگرمين ۾ حصو وٺندا ھئا ـ
مطلب ته اسڪول ۾ اسڪاؤٽ جون شاندار يادگيريون ڇڏي ويا آهن ـ
راندين ۾ پڻ تمام گھڻا مقابلا ڪرايا ۽ ٻارن ٽرافيون ماڻيون ـ راندين ۾ اھو به سندن اعزاز وڃي ٿو ته سکر بورڊ جي ٽيم ۾ اسڪول جا شاگرد شامل ٿي اسلام آباد تائين وڃي حصو ورتو ۽ ڪاميابيون ماڻيون ـ اسڪول ۾ شاندار تعليمي سيمينارس جو سھرو به سائين عبدالواسع مڱريو ڏانهن وڃي ٿو ـ ثقافتي ڏينهن ,ٻارن جو عالمي ڏينهن , مزدورن جو ڏينهن ,آزادي جو ڏھاڙو , دفاع جو ڏھاڙو يا سورھيه بادشاه جو ڏھاڙو ھجي سڀني سرگرمين ۾ نمايان ھوندا ھئا . منٽن ۾ ٻارن جو آڊيشن وٺي پروگرام لاء منتخب ڪندا ھئا ـ پروگرامن جي تصويرن جا پينافليڪس ٺھرائي خوبصورتي لاء اسڪول جي ديوارن تي سجائيندا ھئا ـ اسڪاؤٽ آفيس ۾ آئون, حاجي اشفاق احمد مھر ۽ شعيب الرحمن ٻارن کي مختلف منجهيل مضمونن کي سيکارڻ ۾ مصروف ھوندا ھئاسون ـ عبدالواسع مڱريو اسڪول جي تعمير ۽ ترقي لاء پاڻ کي ارپي ڇڏيو ھو ـ اسڪول جي املهه ڪردارن کي ساڻن سھڪار ڪرڻ تي شيلڊون ڏنيون ـ شيلڊون ماڻيندڙ دوستن جا نالا ھي آهن ـ غلام الله جمالي ـ ساجن علي مھر ـ وزير احمد ميراڻي ـ سيد غلام مصطفي شاھ ـ فيض محمد ابڙو ـ راجيش ڪمار ـ شاھنواز سومرو ـ حاجي اشفاق احمد مھر ـ احسان ميمڻ ـ عاشق حسين مھر ۽ اسڪول جو سربراھ عبدالراشد قريشي صاحب ـ ھيڊ ماستر صاحب پڻ اسڪول جي شاندار خدمتن جي عيوض سائين عبدالواسع مڱريو صاحب کي شيلڊ ڏني ـ محترم سائين عبدالواسع مڱريو صاحب خدمتن ۽ قدرن ۾ شاھڪار ھو جنهن شاگردن کي به انعامن شيلڊن ۽ تعريفي سرٽيفيڪيٽن سان نوازيو ھو ـ
ريٽائرڊ ٿيندڙ دوستن کي وڏي اعزاز سان رخصت ڪندو ھو ـ پاڻ تمام گهڻو سخي ھئا ـ شبير شيخ ٻڌايو ته اسڪاؤٽ جي سرگرمين ۾ نالي ظاهر ڪرڻ کانسواء سڀني لاء ماني جي بندوبست لاء دل کولي پئسا ڏيندو ھو ـ اھڙي ڳالهه اسڪول جي نائب قاصد گل حسن شيخ به ڪئي ـ
سائين عبدالواسع مڱريو صاحب ھڪ شاندار تعليمي ترقي جي سونھري تاريخ رقم ڪري ويا آھن ـ سائين عبدالواسع مڱريو صاحب ھڪ ھر دلعزيز سماجي رھنما ھئا ـ ڏکي انسانيت جي خدمت ڪرڻ ۾ ھميشه اڳرا ھئا ـ سانگي (پنو عاقل ) ريل حادثي ۾ ڪيل خدمتن جي تعريف عبدالستار ايڌي به ڪئي مطلب ته سائين عبدالواسع مڱريو صاحب علائقي جو ٻيو ايڌي ھئا ـ
حڪومت پاڪستان کيس شاندار خدمتن کي ڏسي خادم الحجاج ۾ موڪليو جتي پاڻ ڪيترائي سال حاجي سڳورن جي خدمت ۾ شامل رھيا ـ حڪومت پاڪستان کيس حاجي ڪئيمپن لاء ماسٽر ٽرينر مقرر ڪيو پاڻ آخري دم تائين سڄي سنڌ ۾ ماسٽر ٽرينر طور خدمتون سرانجام ڏيندا رھيا ـ
سائين عبدالواسع مڱريو صاحب ڏاڍا ھمت وارا ھئا ـ ڪورونا جي سجاڳي لاء شاندار ڪردار ادا ڪيو ـ سائين عبدالواسع مڱريو صاحب سيد خورشيد احمد شاه صاحب سان بيحد پيار ڪندا ھئا ۽ چوندا ھئا سائين جي چوگرد اھڙا ماڻهو اچي ويا آهن جو مان پري کان خاموش ٿي ڏسان ٿو ـ سائين عبدالواسع مڱريو صاحب جا فرزند به عالم دين آهن ۽ ھڪ نياڻي پڻ عالمه آهي ـ
سائين عبدالواسع مڱريو صاحب جي اوچتي وفات تي تعليمي ۽ سماجي خال پيدا ٿيو آهي جنهن جي ڀرجڻ ۾ وڏو وقت لڳندو ـ
ڌڻي در دعا آهي ته الله تعالي کيس درجات بلند فرمائي ,دوستن ۽ عزيزن کي صبر جميل عطا فرمائي ـ
عبدالواسع مڱريو ھڪ مثالي استاد , خادم الحجاج ۽ سکر جو سماجي رھنما به نيٺ وڇڙي ويو
Leave a comment