ڪراچي(رپورٽ ذوالفقار سولنگي) صوبائي وزير اطلاعات سعيد غني پاران پرنٽ ميڊيا جي نمائندن ۽ صحافين جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنھن ۾ سيڪريٽري اطلاعات رشيد سولنگي، زبير ميمڻ، صحافي ھريش ڪمار، روزاني ملت اخبار ايڊيٽر اسلم ھيساڻي، روزاني پاڪ سوچ اخبار جو ڪرائم رپورٽر سجاد، روزاني پاڪ سوچ اخبار جو سرڪيوليشن مئنيجر خالد سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو تہ ميريٽ ليول تي روزانہ ڇپندڙ اخبارن کي اشتھار ڏنا ويندا ۽ بقايا جات وقت سر ادائيگي لاءِ ڊائريڪٽر اطلاعات کي ھدايتون ڏنيون آھن، نان بجيٽ اشتھارات جي پيمينٽ 90 ڏينھنن جي اندر ادائيگي لاءِ پڻ ھدايتون ڪيون ويون آھن، وڌيڪ چيو تہ صحافين جا بنيادي مسئلا جلد حل ڪيا ويندا، جيڪي رجسٽرڊ پريس ڪلبون آھن انھن کي بجيٽ ۾ شامل ڪري گرانٽ منظور ڪئي ويندي، پيپلزپارٽي غريب مسڪين ماڻھن جي پارٽي آھي جنھن ھميشہ آزاد صحافت جي ڳالھ ڪئي آھي، صحافي برادري اتر سنڌ جي تمام گھڻو مسئلن جو شڪار آھي جلد انھن جا مسئلا حل ڪبا ۽ پاليسي جي مطابق مستحق صحافين جي ويريفڪيشن بعد ھنن جي لاءِ گرانٽ منظور ڪئي ويندي، ھن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي باني شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صحافين جي آزادي ۽ انھن جي حقن جي حاصلات لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو پيپلزپارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آهي جنهن ۾ بلارنگ نسل جي عوام جي خدمت ڪئي ويندي آهي اسين عوامي ماڻھون آھيون ۽ عوام اسان جي روح روان آھي ھن وڌيڪ چيو تہ پيپلزپارٽي ملڪ جي واحد پارٽي جيڪا ميڊيا سان گڏ گڏ بيٺي آھي، ان موقعي تي ۾ سيڪريٽري اطلاعات رشيد سولنگي ميديا سان ڳالھائيندي چيو تھ اسان جي آفيسن جا دروازا صحافين جي لاءِ 24 ڪلاڪ کليل آھن، صحافي پنھنجي مسعلن جي حل لاءِ بلا جهجهڪ اسان جي آفيس اچي پنھنجا مسعلا حل ڪرائي سگهن ٿا، ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر عاجز ڌامراھ جو چوڻ ھو تھ پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي غريب عوام جي خدمتن ۾ ڏينھن رات رڌل آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد جمائت آھي جنھن کي غريب عوام جي وڌ ۾ وڌ سپورٽ آھي.