حيات پتافي /ميرپور ماٿيلو ڪئمپ آفيس ( )تنظيم فڪرونظرسنڌ جي مرڪزي صدر پروفيسر اصغرمجاهد مهر تنظيم جي برانچن ڏهرڪي ميرپور ماٿيلو ۽حيات پتافي جي دوري جي موقعي تي جنرل مئنيجر پاڪستان ريلوي ۽ DS ريلوي کان پرزور مطالبو ڪندي چيو ته پبلڪ جي هي پاپولر ڊيمانڊ آهي ته پبلڪ ۽ پاڪستان ريلوي جي مفاد ۾ آهي ته روهي ايڪسپريس ٽرين کي فوري طور تي بحال ڪري هلايو وڃي جنهن جي ڪري شڪارپور سکر خيرپور گهوٽڪي ۽ رحيميار خان پنجاب جي عوام کي سفر جي بهترين ۽ سستي سهولت کان محروم ڪيو پيو وڃي ڪيتريون فيمليز سنڌ جي ضلعن ۽ پنجاب جي ضلعن کان آساني سان سفر ڪري رهيون هيون ان سفري سهولتن ۽ سک کان عوام کي محروم نه ڪيو وڃي جنهن جي غريب عوام اڳ ۾ مهانگائي واري بسن ۽ويگنن جي تڪليف ده سفر جي ڪري لوڙي رهيون آھن ۽ ڪيتريون مشڪلاتن ۽ ڏکائين کي منهن ڏيئي رهيون آهن پروفيسر مجاهد مهر وڌيڪ چيو ته آئڊيل ٽائيم ٽيبل آهي جيڪو روهي ايڪسپريس کي مليل هو جو صبح جو 8 بجي سکر ۽ شام جو واپسي وارو سهولت سفر آهي جنهن سان سنڌ ۽ پنجاب جي عوام لطف اندوز ٿي رهي هئي هاڻي اسان وري اهو مطالبو دهرايون ٿا ته ساڳئي ٽائيم ٽيبل موجب هي لوڪل ٽرين جي سروس بحال ڪري عوام کي سک ۽سهنج ڏنو وڃي ۔