اڄ اسين ذڪر ڪيون ٿا معاشري جي ھڪ اھم مسئلي جو ۔ ھن معاشري ۾ خاص ڪري مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ نوجوانن کي تمام گھڻين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو ٿو پوي ۔ مڊل ڪلاس نوجوان وڏي مشڪل سان مئٽرڪ يا انٽر ڪري ٿو ۔ تقريبن 18 سالن جي عمر ۾ انٽر ٿئي ٿي ۔ تنھن کان بعد مڊل ڪلاس نوجوانن جي لاء پاڪستان آرمي ۾ وڃڻ جي تياري ھوندي آھي ۔ 18 سال کان 22 سالن تائين مطلب 4 سال اھم ھوندا انھن چئن سالن ۾ نوجوان پنھنجو شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ۽ ٻيا ڪاغذات ٺھرائي آرمي ۾ وڃڻ کي ترجيحي ڏيندا آھن ڇو جو اڄڪلھ جي ھن دور ۾ غريب ۽ مڊل ڪلاس نوجوانن کي سول ڊيوٽين جو آسرو ئي ناھي ۔ انھن چئن سالن ۾ ڪي نوجوان ڪامياب ٿي ويندا آھن آرمي ۾ ڀرتي ٿي ۽ پنھنجي ۽ پنھنجي گھر وارن جي بھتر زندڳي گذاريندا ۔ پر ڪي نوجوان انھن چئن سالن مان فائدو ناھن وٺي سگھندا ۽ آرمي جي ڀرتي کان به انھن جي عمر وڌي ويندي ته پوء اھي نوجوان مزدوري ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي گھر وارن جو گذر سفر ڪندا آھن ۔ ھاڻي ضرورت ان عمل جي آھي جو نوجوانن کي گھرجي ته مئٽرڪ ۽ انٽر کانپوء پنھنجا قيمتي 4 سال رائگان نه وڃڻ ڏين انھن چئن سالن ۾ نوجوان کي سوچڻ گھرجي پنھنجي مستقبل جي لاء انھن چئن سالن ۾ وڌ کان وڌ محنت ڪري پنھنجو پختو فيصلو ڪري پنھنجي پسنديده فليڊ ۾ وڃن ۔ آرمي ۾ وڃن يا انھن چئن سالن ۾ پنھنجي پسنديده ڪو ھنري ڪورس ڪن ۽ پنھنجو مستقبل سنوارين ته انھن جي لاء به ڀلو ٿيندو ۽ انھن جي گھر وارن کي به تمام گھڻي خوشي ٿيندي ۔