لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽ افيئرس پاران ٽن ڏينهن واري يوٿ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آهي جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ, رجسٽرار ڊاڪٽر حاجي محمد شيخ, ڊائريڪٽر اڪيڊمڪس ڊاڪٽر ثمرين ميمڻ, ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو ۽ ٻين مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، لمس يونيورسٽي جي لطيف هال ۾ ڪوٺايل يوٿ ڪانفرنس ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مختلف قسم جا ٽيبلوز پيش ڪيا ويا, جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس پاران مهمان خاص کي اجرڪن جا تحفا ۽ شيلڊون پڻ پيش ڪيون ويون، ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جو چوڻ هو ته ملڪ جي 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي جيڪا تمام سٺي علامت آهي ڇاڪاڻ جو نوجوان آبادي طاقت جو اهو سرچشمو آهي جنهن جي بنياد تي ملڪ ترقي جي منزل تيزيء سان طع ڪري سگهي ٿو پر ان جي لاء منصوبابندي هئڻ گهرجي, هن چيو ته ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄ جو نوجوان باصلاحيت آهي ان ۾ اڳواڻي ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي پر بهتر حڪمت عملي سان اهي صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهي تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان نوجوانن کي نصابي سرگرمين سان گڏ هنري تربيتون, ليڊرشپ سيمينار ۽ ڪانفرنسن جا وڌ کان وڌ موقعا فرآهم ڪيون ته جيئن اهي معاشي ۽ سماجي اعتبار سان خودمختيار ٿين ۽ مستقبل ۾ ملڪ جون واڳون صحيح نموني سنڀالي سگهن. جڏهن ته رجسٽرار ڊاڪٽر حاجي محمد شيخ, ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو ۽ ڊاڪٽر يعقوب شاهاڻي پڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جي هدايتن تي لمس جي شاگردن کي نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ ڪانفرنسون ۽ مختلف سيمينار بي ڪرائي رهيا آهيون, هنن چيو ته ڪووڊ-19 بعد ڪافي عرصي کان هن قسم جون سرگرميون نه ٿي سگهيون هيون جنهن سبب شاگرد توڙي شاگردياڻيون مايوسي جو پڻ شڪار هئا, هن قسم جي سرگرمين سان شاگردن ۾ سماجي ڄاڻ ۽ خودمختياري جي سگھ پڻ وڌي ٿي. ان موقعي تي شاگردن توڙي شاگردياڻين پاران ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽ افيئرس سميت وي سي ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ ۽ رجسٽرار ڊاڪٽر حاجي محمد شيخ جو پڻ شڪريو ادا ڪندي چيو ويو ته سندن جي ڀرپور تعاون سان ٽن ڏينهن واري يوٿ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن سان شاگردن ۾ وري ٻيهر رونڪون بحال ٿيون آهن. ڪانفرنس ۾ ڪئمپس ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر محبوب الحق سنجراڻي, ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا, ڊاڪٽر يعقوب شاهاڻي, ڊاڪٽر منير بنگلاڻي, ڊاڪٽر صدف ۽ ڊاڪٽر فرزانه سميت وڏي انگ ۾ شاگردن توڙي شاگردياڻين پڻ شرڪت ڪئي.