ضلعي انتظاميه سکر پاران ضلعي سکر ۾ ارڙي ۽ رُبيلا کان بچاء جي قومي مهم بابت ڪلچرل ڪامپليڪس سکر جي ڊاڪٽر تنوير عباسي هال ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو. سيمينار ۾ مهمان خاص ڊپٽي ڪمشنر سکر جاويد احمد هئا. جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر جميل احمد مهر، مذهبي اڳواڻ سيد عالم شاهه موسوي، قاري جميل احمد، مولانا محمد عثمان فيضي، قاري خليل احمد ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ماجد علي ماڪو شامل هئا. سيمينار کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سکر جاويد چيو ته پنهنجي ٻارن کي موضي بيمارن کان بچائڻ لاءِ اسانجي ذميواري آهي ته 15 کان 27 نومبر تائين جاري رهندڙ مهم دوران حفاظتي ٽُڪا لڳرائڻ لاء وڌ ۾ وڌ سهڪار ڪيو وڃي هن چيو ته هي قومي مهم آهي جنهن ۾ اسان سڀنين کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو هن علماءِ ڪرام سميت اقليتن جي نمائندن کي اپيل ڪئي ته هو نماز جمعه سميت ٻين عبادتگاهن ۾ دعا ڪرائڻ دوران هن مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ جاگرتا ڦهلائي وڃي ته جئين هن مهم سان وڌ ۾ وڌ فائدو ٿي ڇو ته 9 مهينن کان 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۾ اها بيماري ڦهيلجي سگهي ٿي ان لاءِ سمورا اڪابرين ضلعي انتظاميه سان سهڪار ڪن. هر سطح تي مهم بابت اڳاهي ڏني وڃي. سيمينار کي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر جميل احمد مهر، ڊاڪٽر ممتاز ڀارو، ڊاڪٽر سهيل مجيداڻو، مذهبي اڳواڻ سيد عالم شاهه موسوي، قاري جميل احمد، مولانا محمد عثمان فيضي، پادري ايمانول وارث، ديوان چند، مولانا رياض حسين روحاني، چوڌري اظهر حسين، قاري مشرف محمود قادري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي ارڙي ۽ رُ بيلا کان بچاء بابت مهم لاءِ پنهنجي ڀرپور سهڪار جي يقين ڏياريو.