ٿينديون تاراج تاريڪيءَ راتون
ھميشه روشنيءَ ۽ اونداهيءَ جو پاڻ ۾ ائين ئي جھيڙو ھلندڙ آھي، جيئن سچ ۽ ڪوڙ جو، حق ۽ ظلم جو، سيءَ ۽ تپش جو، يعني ضد ۽ صبر، انائيت ۽ عاجزي، خير ۽ شر، ائين ٻئي پاسا ھلندا رھن ٿا. جيئن ڏينهن ۽ رات آھي ائين نيڪ ۽ بد مطلب ته ائين سڀ زندگيءَ جي ڏکن ۽ سکن ۾ سلھاڙيل گڏوگڏ سفر منزل رھن ٿا.
جڏھن ھر طرف ڪاراڻ ئي ڪاراڻ ھجي ڪا شيءِ نظر ئي نه اچي اتي ڪجهه ڳولڻ لاءِ روشني جي گھرج ۽ درڪار تلاش ڪرڻي پوندي آهي پوءِ اھا آساني سان ملي يا مشڪل سان، ضرورت ايجاد جي ماءُ آھي ائين انسانن ڏيا ٺاھيا انھن ۾ سُٽ جي وٽ لڳائي ڪنھن به تيل جي ذريعي روشني ڪرڻ شروع ڪئي جيئن جيئن روشني روشن ٿيندي وئي ته ڪجهه اڻ لڀ شيون نظر اينديون ويون، ڪم سولا ٿيندا ويا، اھڙي ريت شمعدان کان وٺي لائيٽ وغيره ايجاد ٿينديون آيون.
پر وڏي ۾ وڏي اونداهي انسان جي سوچ ۽ ذھن جي ھئي ان کي يا ته علم روشن ڪري يا وري اھڙي ڪا فراست ۽ فھم جيڪو ذھن ۽ سوچ کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍي، وقتي فائدي لاءِ علم عقل ۽ ڏاھپ ڏئي انسان کي ته ان جي قابل ضرور ڪيو جنھن سوچڻ شروع ڪيو روز به روز نيون داخلاؤن روشن ڪيون، پر صفا اونداهي کي ختم ڪري نه سگھيا، ذھني خود غرضي ۽ انائيت ضد جي برعڪس صبر استقامت پنهنجائپ جھڙيون خوبيون اڃان به ڳولڻ ضروري سمجھيون پئي ويون، ڪجهه اھڙا ڪاپي پيسٽ مقرر رپيٽر ڏاھا ته پيدا ٿيا پر تاريڪيءَ کي تاريڪ ڪرڻ وارا تخليق ڪار يا گھٽ سامھان آيا يا ھن سماج انھن کي ھضم نه ڪيو، بيشڪ ڪو شڪ ناھي خير کي شر جي جڳهه وٺڻ لاءِ وقت گھرجي ٿو ايترو آساني سان شر پنهنجي جاءِ ڪيئن ڇڏيندو؟ جنھن ھميشه ڪرسي جي سھاري ڪڙڪو ڪيو آھي ڪارو ٿي، اھو وري سفيد ڪيئن ٿئي؟ بغير ڪنهن ٽيڪ جي ضرور مائيڪ جھلڻ وارو شوقين ويچارڙو ٻه ٽي جملا ته رٽي ئي وٺندو باقي مفھوم ۽ سمجھ جي خبر خدا ئي ڏئي.
ائين ئي درويش وٽ اڄ وڏو بحث پئي ھليو ته اڄ چانڊوڪي عروج تي آھي يعني چوڏھين پئي ٿي چمڪي، ان ۾ به ڪئين چوريون ٿينديون، ھڪڙا چور سچ جا ڪوڙ کڻي نڪرندا سچ کي تلاش ڪرڻ، ھڪڙا نقل ڪري نڪرندا اصل جي تلاش ۾، ھڪڙا دلين جو ڦوٽو ڪاپيون ٺاھي نڪرندا انھن کي ڏيڻ لاءِ جن وٽ اڳئي اھڙين ڪاپين جا بنڊل پيل ھوندا، باقي چانڊوڪي پنهنجو وقت نڀائيندي ٽائيم پورو ڪندي، ڪنھن کي ڇا مليو ۽ ملندو فيصلو وري به وقت تي، گفتگو ۽ ڏکيون ڳجھارتون سمجھڻ ۾ دير پئي ڪيون، وري درويش چوڻ شروع ٿيو ڏسو روشني ڪيڏي ضروري آھي جيستائين ذھن ۽ دماغ روشن خيال ۽ دل روشن ضمير نه بڻبا ته ھي جملا به سمجهه ۾ نٿا اچن، پوءِ ھي سماج تاريڪ ۽ انھن جون تاريڪيون تاراج ڪيئن ٿينديون؟ جتي ڪو فرق نٿو ڪيو وڃي ڪتو ٻلو سڀ حلال، ھرڪو ائين پيو چوي ته خير چنڊ ڀلي لھي وڃي مصنوعي روشني ھٿ ڪبي، جيڪي ھميشه ھيراڪ ئي مصنوعيت جا انھن کي اصليت جي گھرج ڇو پوي، اُھي سڀ ڪجهه چٽ ڪري نڪتل انھن کي وقت جي ذيان جو قدر به ڇو؟ انھن کي ڪھڙي خبر ته خوشبوءِ روغن گلاب جي مان جلندڙ ڏيو جي مھڪ ۽ گاسليٽ تي ھلندڙ دونھي واري آرٽيفيشل جي ڌپ برابر ڪيئن ٿي ٿئي؟ پر ٺيڪ آھي وقت ته نڪري ٿو وڃي پر ذھن تبديل ٿيڻ لاءِ تاراج تاريڪيءَ کي فقط سچ جي چانڊوڪي ئي ڪري سگھي ٿي، انھيءَ جي انتظار لاءِ اوڻٽيهه اونداهي کي ڌڪڻو پوندو، انتظار جو انتظام ڪيو ويندو تڏھن وڃي ڪاراڻ واري ڪوڙ تي سفيدي چڙھندي محبت ۽ سچ جي نفرتن جي واديءَ ۾.
سيد غلام حيدر شاھ قلندري