سياري جي شروعاتي ھلڪين ٿڌ ين شروع ٿيندي ئي دنيا جي ٿڌن ملڪن ۾ برفباري شروع ٿيڻ کان اڳ تلور پکي سنڌ جي علائقن ٿر ڪاڇي ڪوھستان جي سرحدن جو رخ ڪن ٿا. ۽ نومبر کان ڊسمبر تائين ھي مھمان ٿي آيل پکي ھن مٺڙي ملڪ جي علائقن ۾ ظالم ماڻھن جي لالچن ۽ انا جي ور چڙھي عرب شهزادن جي بازن جي چنبن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ڪاڇي جي ريگستاني ۽ سرسبز ميدانن تي ھي مسڪين پکي ڪيڏا ڪشالا ڪري جڏھن ھتي پھچي ٿو تڏھن ھن مھمان ٿي آيل پکي سان جيڪا جٺ ھتي جا زميندار رئيس امير سردار ڌارين ماڻھن کي دعوتون ڏيئي ڪرائيندا آھن .اھا ڪنھن به ريت مناسب ڪونھي . عرب شيخ ھرسال ھڪ مھيني جي ذھني عياشين خاطر پاڪستان سرڪار کان شڪاري اجازت نامه وٺي سنڌ اندر خصوصي طور تي ڪاڇي جي پٽوڙن ۾ ڪئمپون قائم ڪري جھنگل ۾ منگل مچائي رات ڏينھن تلور پکي جو نه صرف شڪار ڪري مزا وٺندا آھن پر انجي ماس ۽ ھڏين کي پڻ وحشي بڻجي رڙڪيندا آھن . ۽ پنھنجي شوق شڪار واري باز پکي کي پڻ شڪار ٿيل تلور کارائيندا آھن .موٽ ۾ عرب شيخ ڪاڇي جي رئيسن توڙي سردارن کي روڪ نقدي ۽ ملھ مھانگا تحفا وغيره ڏيندا رھندا آھن .ھن سال به اتر ڪاڇي جا پٽوڙا ھڪ ٻن مھينن لاءِ مقامي ماڻھن لاءِ بند ڪرايا ويا آھن ايتري قدر مال جون چراگاھون پڻ غير سرڪاري حڪمن تحت بند ڪيل آھن. سردارن جا راکا ٻن ٽن مھينن تائين تلور پکي واري جوءِ کي عام ماڻھن لاءِ بند رکندا آھن. جيسيتائين عرب شيخ شڪار ڪري واپس نه ويندا. ڪاڇي جي پٽوڙن ۾ ھن وقت شڪارين جا ٽولا تلور پکي جي شڪار خاطر رلندي نظر ايندا آھن.