ٿرپارڪر لڳ ڇاڇرو ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي سلسلي ۾ انجمن غلامان قلندر پاران سالياني درود شريف جي محفل ۽ عرس مبارڪ سائين ميئن شاھ غازي رح ايس او پيز تحت منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ 3 ارب 89 ڪروڙ 4 لک درود پاڪ، 3 ختم القرآن، 2 دلائل الخیرات جي اجتماعي دعا صوفياڻي روحاني جماعت انجمن غلامانِ قلندر ويلفيئر جي روحاني سرواڻ سيد غلام حيدر شاھ قلندري آف ڪنري جن گهرڻ فرمائي، انفارمیشن شعبو ٽيم طرفان سلسلي جي ڪتابن جو اسٽال پڻ لڳايو ويو، جنهن ۾ ڇاڇرو ٿرپارڪر سميت سنڌ جي مختلف شهرن کان وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، پروگرام جي باقاعده شروعات درگاھ کي غسل ڏئي چادر چاڙهي تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي ويئي ۽ نعت خواني پڻ ڪئي وئي، آيل مهمانن کي ٽوپين، لنگين، اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي انجمن غلامانِ قلندر ويلفيئر سنڌ جي روحاني سرواڻ سيد غلام حيدر شاھ قلندري خطاب ڪندي چيو ته، دوستو، هي عشقِ مصطفيٰﷺ جون محفلون آهن، هنن ۾ ڪنهن جي به ڪا فيس ناهي، نه ڪنهن تي ڪو ڀار ڀري آهي جيڪو صبح جو اچي چئي ته هن محفل تي مون خرچ ڪيو، نه، هن محفل تي خرچ محبوبِ مصطفيٰﷺ جو آهي، هي خرچ محبوب ڪريمﷺ جي خزاني منجهان آهي، اسان خادم آهيون، خادم جو ڪم آهي خادمي کي کڻي هلڻ، اھو ڪم ڪهڙو آهي، اهو ڪهڙو ڪارڻ آهي جو وري به توهان وٽ اسين اچون ٿا اهو ڪم آهي عشقِ مصطفيٰﷺ کي عام ڪرڻ. سائين جن وڌيڪَ چيو ته هي اهو دور آهي جنهن ۾ اوطاقن منجهان محبت وارا پٿر ڪکن وانگر اڏري هليا ويا آهن، اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾ تازا پَٿَرِ ڪَکَ. آديسي اٿي ويا، پيئي اڏامي رَکَ، سامي کڻي سنک، وَڄائي واٽَ ٿِئا. اُهي سامي هليا ويا جن وٽ عشق هو، جن وٽ فيض هو، جن وٽ محبت هئي قرب هو، انهن وٽ ڏيڻ لاءِ هو پر ڪجهه وٺڻ لاءِ نه هو، اڄ سڀني وٽ وٺڻ لاءِ آهي پر ڏيڻ لاءِ ڪجھ ناهي، هي فلسفو ڏيڻ وارو آهي وٺڻ وارو ڪونهي، توهان اسان جون محفلون ڏسو، توهان اسان جا ڪتاب پڙهو، اسان انهن، انهن ماڻهن تائين وڃي پهتا آهيون جيڪي الله سائين جو نالو وٺڻ لاءِ به تيار ڪونهن، محبوب ڪريمﷺ جي نالي وٺڻ تي به هنن کي وھم ٿين ٿا، اسان جي سماج ۽ معاشري انهن کي تمام پري ڪري ڇڏيو، اسان انهن کي ويهاري چيو ته توهان جي سڀني سوالن جا جواب اسان وٽ آهن، توهان ڪنهن فرقي کي اسلام جي صورت ۾ آزمايو نه، توهان کي آزمائڻو آهي ته محبوب ڪريمﷺ جي تعليمات کي آزمايو ان ۾ توهان کي وٽ وڪڙ نه ملندو، توهان کي آزمائڻو آهي ته قرآن شريف کي آزمايو، منهنجي محبوب ڪريمﷺ جي حديث کي آزمايو ان ۾ فرق ناهي، اسان جي منهن مهانڊن ۾ فرق آهي، اسان جي علم ۾ فرق آهي فلسفي ۾ فرق آهي، توهان اچو توهان کي سوالن جا جواب ملندا پر توهان ائين نه سمجهو ته اسلام کي ڪو نقصان آهي، اسلام پنهنجي جڳھ تي قائم آهي، توهان ۽ اسان تقسيم ٿيا آهيون اسان جو عقل تقسيم ٿيو آهي، ڇو ته معديت پرستي توهان تي حاوي ٿي وئي آهي، توهان الله پاڪ جي وحدانيت ٻڌائڻ ڇڏي ڏني آهي، توهان الله پاڪ جي توصيف ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي، محبوب ڪريمﷺ جي سيرت ڳائڻ ڇڏي ڏني، محبوب ڪريمﷺ جي محبت ٻڌائڻ ڇڏي ڏني، توهان سونهن کي مٿي ڪيو، توهان شهرت کي مٿي ڪيو، توهان مالا ملڪيت کي اهميت ڏني، توهان ٻين شين کي مٿي ڪيو پر توهان محبوب ڪريمﷺ جي انهي حيثيت کي مان ڏيڻ گهٽ ڪيو ته توهان منجهان اهو محبت جو ماڻهپو ختم ٿيندو ويو، توهان ۾ ايمان جي ڪمي ٿيندي وئي، انهي ڪمي جي ڪري توهان کي ماڻهن استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، ڪنهن ڪهڙي هٽ تي وڪو ته ڪنهن وري ڪهڙي هٽ تي، ڪنهن بازار ۾ وڪو ته ڪنهن وري ڪنهن ڪارخاني تي وڪو پر هي فلسفو توهان کي ڪٿي به وڪڙندو نه، پر هي فسفلو توهان کي ڪٿي به وڪڙندو نه پر هي فلسفو توهان کي محبوب ڪريمﷺ جي تعليمات جي اڳيان پيش ڪندو، توهان جي هٿن ۾ باڪس ڏئي پنائيندو نه، الله سائين جي توحيد کانسواءِ توهان کي ڪيڏانهن به نه وٺي ويندو جيڏانهن توهان پشيمان ٿيو. دوستو هي عذابن ۽ فتنن جو دور آهي، هي محفلون سجاڳيءَ جو سڏ اٿو، اٿو جاڳو، قرآن شريف سوره هود ۾ آهي ته، “۽ ائين تنھنجي پالڻھار جو اُن مھل ڳوٺن (وارن) کي اُن حالت ۾ پڪڙڻ ٿيندو آھي جڏھن اُھي ظُلم ڪندڙ ٿيندا آھن، بيشڪ سندس پڪڙ سخت ڏکوئيندڙ آھي.” توهان غور ڪريو ڪڏهن کنوڻ، ڪڏھن طوفان، ڪڏھن وسڪارو، ڪڏھن قحط سبق حاصل ڪريون انهن مان، هي محفلون خبرداري جون محفلون آهن، قرآن شريف جي سوره العراف ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو ته،” ۽ گھڻا ئي ڳوٺ ھئا جي ويران ڪياسون پوءِ (يا) راتوواہ (سمھڻ مھل) اُنھن کي اسان جو عذاب پُھتو يا اُھي منجھند جو ننڊ ڪرڻ وارا ھوا. (4) پوءِ جڏھن کين اسان جو عذاب پھتو (تڏھن) سندن پڪار ھن چوڻ کانسواءِ نه ھئي ته اسين پاڻ تي ظلم ڪندا ھواسون. (5)”. بيشڪ هو ڪل ڪائنات جو مالڪ آهي آبادين کي برباد ڪري، بربادين کي آباد ڪري، توهان هن جو واٽون ڇڏيون، توهان ان جو خوف ڇڏيو، توهان پنهنجو پاڻ ۾ ڪنهن وڏيري، رئيس، پير جو خوف آندو، فلاڻي پير جي دعوت ۾ نه ويس ته منهنجي پيري مريدي ختم ٿي ويندي، خبر ناهي ته اهو پير ڪڏهن ڪهڙي فرقي ۾ آهي ته ڪڏهن وري ڪهڙي فرقي ۾، بس ائين ئي اسان پنهنجو ٽائيم وڃايو آهي، اسان کي ٽائيم اتي ڏيڻ گهرجي جتي تعليمات محمديﷺ هجي، جتي محبتِ محمديﷺ هجي، جتي اسان کي اندر جي اک ملي، جتي اسان کي شعور ملي، ڇو ته اسان کي انهن قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻو آهي جيڪي قوتون قائل ناهن انهي محبتِ محمديﷺ ۾، انهن کي محبت سان، ڀائپي سان سمجهائڻو آهي. دوستو هي فلسفو هي فڪر توهان کي ٻڌائي ٿو ته محبوب ڪريمﷺ جي عشق کانسواءِ سڀ شيون ڪوڙيون آهن، ڪثرتِ درود پاڪ جي بغير عشقِ رسولﷺ جون ڳالهيون ڪرڻ ائين آهي جيئن ٿڌي لوهه کي ضربون هڻڻ، جيستائين توهان ۾ عشق جو آڙاه نه ٻرندو تيستائين توهان کي عشق جون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون، سائين جن وڌيڪ چيو ته، واصلين جي صحبت ڇڏيندا ته وصالِ صنم ڪيئن حاصل ڪندا، بغير استاد جي وصالِ حق ائين ئي آهي جيئن بند دروازن کي کُڙڪائڻ جنهن جي اندر ڪجهه به موجود نه هجي. هنن فتنن واري دور ۾ ويجهي ۾ ويجهو جيڪو در آهي اهو در محبوب ڪريمﷺ جو در اٿو انهي در کي کڙڪائڻ جو وڏي ۾ وڏو رستو عشقِ مصطفيٰﷺ ڪثرتِ درود پاڪ اٿو، دوستو، جيڪڏهن ڪنهن کي دسترخوانِ محبت تي ويهڻ نصيب ٿئي ته ان تان تيستائين نه اٿي جيستائين دسترخوان کنيو نه وڃي، اهڙيون نعمتون بار بار نصيب ناهن ٿينديون. ان موقعي تي تقريب دوران سيد غلام رسول شاھ، مهمان گروپ انچارجز محمد ابراهيم هاليپوٽو، موسيٰ هاليپوٽو، علي نواز ميمڻ، ميزبان گروپ انچارجز ۽ ٽيم سائين مير محمد رند، جاني ڪنڀر، لال ڪنڀر، خان محمد ڪنڀر، جلال ڪنڀر، رشيد دل، اظهار ڌونڪائي، حبيب الله دل، امير سلطان ڌونڪائي، وحيد ڪپري پڻ موجود هئا، آخر ۾ آيل مھمانن کي لنگر ڪرايو ويو.