سکر() تنظيم فڪرونظرسنڌ زيرانتظام فڪرونظر هاءاسڪول سنڌ اسلامڪ سينٽر مناره سکر ۾ شاعر مشرق علامه محمد اقبال جو144يوم ولادت جو ڏهاڙو ملهايو ويو صدر تنظيم پروفيسراصغرمجاهدمهر پنهنجي آجياڻي واري تقرير ۾ چيوته شاعر مشرق علامه محمد اقبال پنهنجي شاعري ۾ مسلمانن کي بيدار ڪيو مسلمانن کي امت واحد طور درس ڏنو ته مسلمان هڪ جدا قوم آهي ان ڪري ننڍي کنڊ مسلمانن جي هڪ آزاد ۽خود مختيار حڪومت قائم ڪري اسلامي اصولن مطابق هڪ فلاحي رياست قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ مسلمانن کي قرآن مجيد ۽سنت رسول صلي الله عليه ڏسيل راه موجب هلڻ گهرجي انهن جي دنيا ۽آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ٿئي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته علامه اقبال جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن ننڍي کنڊ ۾ هڪ جدا اسلامي رياست قائم ڪرڻ جو تصور ڏنو ۽ هن کي اسان مصور پاڪستان مڃون ٿا هن مسلمانن ۾ پنهنجي شاعري ذريعي مسلمانن ۾ بيداري جو سبق ڏنو ان ڪري ننڍي کنڊ جا مسلمان پاڪستان جي صورت ۾ هڪ وڏي اسلامي رياست قائم ڪري ورتي اسان کي گهرجي ته محنت ۽ لگن سان پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن عبدالرزاق ڀٽي پروفيسر محمد ابراهيم مهر مير مشتاق علي لنڊ نيازاحمد مهر ذوالفقار علي ٻرڙو ميڊم شاهده پروين ميڊم راشده اقبال استادن ۽ شاگردن به تقريرون ڪري شاعر مشرق کي ذبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۔