ميرپورخاص ھيمو فليا ويلفئير سوسائٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ڏونگر شام ڊاڪٽرجگمال ڊاڪٽر رايچند۽ راجا رميش طرفان ھڪ ڏينھن جو صوفيانه ھوٽل تي سمينار ڪوٽايو ويو جنھن جا ڪراچي کان آيل ھيمو فليا ويلفئير سوسائٽي جي ٽيم جا خصوصي مھمان راحيل ڀائي فخرعالم ۽ شاھد ڀائي شرڪت ڪئي
پروگرام ۾ ھيمو فليا ويلفئير سوسائٽي ميرپورخاص جي اڳواڻن ڪراچي جي ٽيم اگيان حال اورندي ٻڌايو ته ميرپورخاص ضلعي اندر ۽ مختلف ڳوٺن جا ننڊا توڙي وڏا ھيمو فليا جا 70 مريض آھن جنن کي فيڪٽر 8۽ فيڪٽر 9 جا انجيڪشن لڳن ٿا اھو انجيڪشن ميرپورخاص ۾ نه ھجڻ سبب ھيمو فليا جا مريض وڏا پريشان آھن جنھن کي علاج لاء به ڪراچي وڃڻو پوء ٿو ھتي ڪابه سھولت نه آھي خاص ڪري ميرپورخاص ھيمو فليا جا مريض غريب طبقو آھي ان ڪري ڪراچي ۾ وڃڻ لاء ڪرايو به نه آھي انھي مريضن کي اوچتو گوڏي ۾ يا نڪ ۾ رت وھي ٿو اھا بيماري خطرناڪ آھي وڌيڪ اڳواڻن سنڌ جي وڏي وزيري اعلي ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته ضلعي ميرپورخاص ۾ ھيمو فليا جي مريضن جي سھولت لاء ھڪ ننڊڙي اسپتال قائم ڪئي وڃي ۽ فيڪٽر 8 ۽ فيڪٽر 9 جا انجيڪشن پڻ ھتي ھيمو فليا جي مريضن لاء ڏنا وڃن جئين ھو ان خطرناڪ بيماري کان بچي سڳھن