ڊي ايس ريلوي سکر ڊويزن شعيب عادل مغل پاران سکر جي سمورن صحافين سان پنهنجي آفيس ۾ خصوصي ملاقات ڪئي وئي، گڏجاڻي ۾ رعوف عباسي،پرويز، امداد ڦلپوٽو، ڊوالفقار سولنگي، ساحل جوڳي، جميل مغل سميت نجي نيوز چينل ۽ اخبارن جا رپورٽر وڏي انگ ۾ شريڪ هئا، ان موقعي تي ڊي ايس ريلوي سکر ڊويزن شعيب عادل مغل جو چوڻ هو ته ڪو به ريلوي جو مسئلو هجي ته اسان کان موڪف وٺڻ کان سواءِ شايه ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ منهنجي آفيس جا دروازا عوام جي لاءِ هر وقت کليل آهن، ڊي ايس ريلوي جو چوڻ هو ته ملازمن کي سختي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته انجڻ ۾ ڊيوٽي ملازم کان علاوه ڪنن به غير ضروري ماڻهون کڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي فرضن ۾ غفلت ڪنهن به صورت ۾ برداش نه ڪئي ويندي، هن چيو ته آءُ هر مهيني پنهنجي آفيس ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪندس جنهن ۾ ريلوي جا ملازم شرڪت ڪري پنهنجن مسئلن کان آگاه ڪندا، جائز مسئلن جي حل لاءِ بروقت قدم کنيا ويندا، ان موقعي تي صحافين ڊي ايس ريلوي جي ڊيوٽي دوران ٽرين ڊرائورن جي ٽچ موبائيل استعمال ڪرڻ تي پاندي لڳائڻ واري عمل جي ساراه ڪندي چيو ته ان عمل سان ٽرين حادسن م ڪافي حد تائين گھٽتائي ايندي، صحافين چيو ته ڊي ايس ريلوي سکر ڊويزن عادل مغل جي اچڻ سان ريلوي جي سروس ۾ بهتري آئي آهي جنهن سان شهرين کي تمام فائدو رسيو آهي.