گڏيجي شھر جي وچ ۾ مين بوائز پرائمري اسڪول جي مک گيٽ ۔گھٽي ۽ رستي تي پيل جبل جو ڏيک ڏيندڙ گندگي جا ڍير يوسي گڏيجي انتظاميہ جي پت وائکي ڪري ڇڏي گڏيجي شھر جي مين پرائمري اسڪول جي گيٽ جي سامهون ايترو گند آھي جو اسڪول جي ٻارن کي بہ ا نهي ڪچري جي ڍيرن مٿان گذرڻو پوي ٿو ٻار جيڪي گھر کان صاف سٿرا ٿي اچن ٿا انهن کي اسڪول ايندي ايندي خود گندگي جي ور چڙھي وڃن ٿا ۔ اسڪول انتظاميه پاران بار بار چوڻ باوجود يوسي انتظاميه جي ڪن تي جونء بہ نہ چري آھي ۔ اسڪول جي هيڊ ماسٽر ۽ گڏيجي جي شھرين پاران يوسي گڏيجي جي انتظاميہ کان مطالبو ڪيون ٿا تہ ھن اھم مسئلي تي فوري تي ڌيان ڌئي اسڪول اڳيان صفائي جو جوڳو انتظام ڪري مسئلو حل ڪرايو وڃي ۔ ورنه احتجاج جي سڏ حق رکون ٿا۔
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
1
+1
+1