روزاني پاڪ سوچ اخبار جو ايڊيٽر ذوالفقار علي سولنگي سندس ٽيم فيضان ۽ ڊائريڪٽر انفارميشن ڪراچي سرور سميجو، سارنگ سميجو ۽ ٻين سان گڏجي سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري غلام محمد عمرفارق ٻروڙو جي والد ۽ اڳوڻي سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي هادي بخش ٻرڙو جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهارڪندي چيو ته مرحوم هادي بخش ٻرڙو انتهائي نفيس ۽ بهترين انسان هو، هو هڪ ماهر قانون دان ۽ بهترين منتظم هو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئرن کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي اڳوڻي سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي هادي بخش ٻرڙو جي نماز جنازہ ڇنڇر ڏينهن ڳوٺ واھ ٻرڙا لڳ ڪنڌرا ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن سميت اسلام آباد، ڪراچي ۽ ٻين ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن کان ٻروڙا برادري سميت، اڳوڻو ٽي ايم او اعجاز پله ۽ ٻين وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي،