ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي کڏاہ مارڪيٽ لياري جي رهواسي سرڪاري ملازم راڻو خان سولنگي پنهنجي سولنگي برادري دلبر جاني بيگ، خوش محمد، ابراهيم علي اڪبر شاهه محمود گلزار احمد علي ڀورو بخش علي ظفر الله سميت ٻين سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا آڏو داهيندي چيو ته پاڻ کي صحافي سڏرائيندڙ علي جعفري رھائش حيدرآباد اختر سولنگي غلام مصطفي سولنگي جيڪي ضلعي نوشهري فيروز ٺارو شاهه جا رهاڪو آهن ڄاڻايل بااثر غير سرڪاري اڻ رجسٽرڊ چينلن ڪي ٽي وي نيوز، بي اي نيوز، ندا نيوز،عوامي نيوز اسٽوڊيو ۽ ڪي ٽو فور سميت ٻين غيرقانوني جعلي نيوز چينلن تي مون جي خلاف غلط خبرون ھلائي مون کي بليڪ ميل ڪري رھيا آھن مون کان منٿلي گهري رهيا آهن، سرڪاري ملازم راڻو خان سولنگي چيو ته بااثرن مان مون سميت گھر وارن کي جاني ۽ مالي خطرو آهي، ان موقعي تي متاثر سرڪاري ملازم راڻو خان سولنگي چيو ته وزير اعلي سنڌ، گرو کاتي جي وزير، سيڪيٽري انفارميشن، آئي جي سنڌ نيب ڪراچي ايف آئي اي ڪراچي، پي آ۽ ڊي ڊائريڪتر ڪراچي سميت پيمرا کان مطالبو ڪيان ٿو ته ڄاڻايل جعلي صهافين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.