سکر سڱرار مان 52 ڏينهن اڳ گم ٿي ويل پريا ڪماري جي بازيابي لاء انساني حقن جي تنظيم ھيومن رائٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان ايڇ آر يو ايف پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو خبر موجب هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن جي اڳواڻن سڱرار مان 52 ڏينهن اڳ لاپتا ٿي ويل پريا ڪماري جي بازيابي لاء وارثن وٽ پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو, مظاهري جي اڳواڻي چيئرمين ايڇ آر يو ايف ايڊووڪيٽ الاهي بخش ميتلو, جوائنٽ سيڪريٽري عبدالخالق منڱريو ليڊيز ونگ لاڙڪاڻي جي صدر سلمي ڀٽو, صوبه سنده جي جوائنت سيڪريٽري راشده پروين مشتاق ڀٽو , راجو مل ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا مظاهرين ڳالهائيندي چيو ته 10 محرم الحرام ڏهاڙي سڱرار شهر مان معصوم نياڻي پريا ڪماري ڌي راجو مل پراسرار نموني گم ٿي وئي هئي جنهنجو قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هن مهل تائين پتو ناهن لڳائي سگهيا جڏهن ته ايترو عرصو گذري وڃڻ کانپوء هن وقت پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن جي خاموشي مان ائين لڳي ٿو ته پوليس کان شايد پريا ڪماري وسري چڪي آهي مظاهرين وزير اعلا سنڌ, ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪندي چيو ته پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي هنن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پريا ڪماري کي بازياب نه ڪرايو ويو ته اسان احتجاج جو دائرو وڌائينداسي ۽ عدالت سڳوري ۾ ڪيس به داخل ڪرائيند