ٽنڊوميرعلي(رپورٽ) گورنمينٽ مڊل ايليمينٽري اسڪول محمدمٺل جوڳي ۾470ٻارن لاءصرف هڪ استاد مقررٿيل استادن جي کوٽ خلاف شاگردن ۽شاگردياڻين جوسليٽون ۽ڪتاب کڻي احتجاج تفصيل موجب گورنمينٽ بوائزايليمنٽري اسڪول محمدمٺل جوڳي جي شاگردن۽شاگردياڻن ڪتاب ۽سليٽون کڻي استادن جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي چيوت 470ٻارن جي پڙھائڻ لاءصرف هڪ استادمقررٿيل آهي جنهن سبب اسانجي تعليم متاثرٿي رهي آهي ان موقعي تي اسڪول ۾موجوداستادارشادعلي جوڳي صحافين کي ٻڌايوت گذريل هڪ سال کان اسڪول ۾صرف مان هڪ استادآهيان پهريان هتي 4استادمقررٿيل هياجن مان هڪ رٽائرٿي ويوآهي ۽2استادن کي بدلي ڪيوويوجنهن کانپوءهن مهل تائين ڪوب استادمقررن ڪيوويوآهي اهڙيون درخواستون تعلقي کان وٺي وزيراعلئ تائين ڏنيوآهن ليڪن ڪوب عمل نٿوڪيووڃي مجبورٿي ڳوٺاڻن پنهنجي مددتحت 6ٻياپرائيوٽ استادمقررڪياآهن جن ۾2ميل 4في ميل استادآهن جن مان هڪ کي ماهوارچندوڪري پگهارڏينداآهيون ۽5استادتعليم جي سڌاري لاءبغيرپگهارجي شاگردن کي تعليم ڏينداآهن ليڪن حڪومت کي ڪوب رحم نٿواچي ت اسانجي اسڪول ۾استادمقررڪري شاگردن جي تعليم کي بچايووڃي ٻئي طرف اسڪول ۾هن مهانگائي جي دور۾بغيرمعاوضي جي اسڪول ۾تعليم ڏيندڙپرائيويٽ ميل ۽في ميل استادن صحافين کي ٻڌايوت اسان ان عمل سان حڪومت کي اهوپيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ت اهااوهانجي نااهلي آهي جواوهان شاگردن جي تعليم کي تباه ڪري رهياآهيوليڪن اسان ايئن ڪرڻ ن ڏينداسين ۽پنهنجي ٻارڙن کي هرصورت۾تعليم ڏينداسين.