ملير (رپورٽ( منهنجو سهرو ۽ سندس با اثر ڏوھٽا مون بيواه جي يتيم پٽ جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا گهر ۾ گهڙي تشدد جو نشانو بڻائن ٿا، منهنجي مڙس کي قتل ڪرڻ بعد مونکي ۽ منهنجي معصوم يتيم پٽ ۽ ڌيءِ کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن مونسان انصاف ڪيو وڃي اهڙين ڳالهين جو اظهار پورٽ قاسم جي گلشن بينظير ڪالوني جي رهواسڻ پروين خاتون پنهنجي معصوم يتيم پٽ ۽ ڌيءِ سان گڏ ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، پروين خاتون صحافين کي دانهيندي چيو ته منهنجي مڙس کي 10 سال اڳ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جنهن جو ڪيس اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي داخل آهي، جن قتل ڪرايو اهي آزاد گهمي رهيا آهن، منهنجي مڙس جي فوت ٿي وڃڻ بعد منهنجي سهري معشوق ڏيرو منهنجي معصوم پٽ عبدالروف ڏيرو جي نالي تي پورٽ قاسم جي گلشن بينظير ڪالوني ۾ پلاٽ لکت ۾ ڏنو هاڻي اهو پلاٽ کسڻ لاءِ نياڻين جي چوڻ تي منهنجو سهرو معشوق ڏيرو ۽ سندس ڏوهٽا حفيظ ڏيرو، عادل ڏيرو، نويد ڏيرو ۽ بلاول ڏيرو منهنجي يتيم پٽ جي نالي ٿيل پلاٽ قبضو ڪرڻ چاهين ٿا پروين خاتون صحافين اڳيان روئيندي چيو ته منهنجي سس ۽ منهنجي نيڻان مونکي گذريل ڏهن سالن کان مارڪٽ ۽ سخت تشدد جو نشانو بڻائي رهيون آهن آئون اڪيلي عورت آهيان منهنجا 2 غريب مزدور ڀائر محنت مزدوري ڪندا آهن، نويد ڏيرو ۽ عادل ڏيرو پيپلز پارٽي جا اڳواڻ سڏرائي روز روز منهنجي گهر تي پوليس ٿاڻي مونکي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته پلاٽ اسان جي حوالي ڪر نه ته توکي ۽ تنهنجي اولاد کي جان ماري ڇڏينداسين، پروين خاتون چيو ته ان پلاٽ جي سلسلي ۾ ملير ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو آهي اڄ ڪورٽ ۾ پيشي هئي اسان اتي موجود هئاسين پر مخالف ڌر نه آئي ۽ ڪورٽ سڳوري ۾ سندن وڪيل چيو ته منهنجي ڪلائينٽ جو روڊ اڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي جنهن سبب اڄ پيش نه ٿي سگهندا تنهن کانپوءِ عدالت 12 تاريخ جي نئين تاريخ مقرر ڪئي، پروين خاتون چيو ته الله جو شڪر آهي ته آئون پنهنجي ٻن يتيم معصوم ٻارن ۽ پنهنجي ڀاءُ منور علي ڏيرو سان عدالت ۾ هيس ته رڪشا اڪسيڊنٽ واري واقعي کي مخالف ڌر سوشل ميڊيا تي ڪوڙي خبر ڪري هلايو ته حملو ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر ڪوڙ ۽ غلط آهي، مونکي ۽ منهنجي ڀائرن کي ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن، پروين خاتون وزير اعليٰ سنڌ، چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊي جي رينجرس، آئي جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪندي گهر ڪئي ته مون بيواه جي يتيم ٻارن جي پلاٽ تي قبضي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪندي کين گرفتار ڪري منهنجي ۽ منهنجي يتيم ٻارن ۽ ڀاءُ جي جان جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.