تنگوانی ( رپورٹ)جيڪب آباد (ھ.آ) اڄ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ صوبائي وزيرن مڪيش ڪمار چاولا شبير بجاراڻي اعجاز خان جکراڻي ممتاز جکراڻي ايم پي ايز محمد اسلم ابڙو سھراب سرڪي شرجيل انعام ميمڻ سان گڏ ڳوٺ محمدپور اوڍو پھچي پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪب آباد جي سابق ضلعِي صدر ۽ اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين محمد پناھ اوڍو جي وفات تي سندس پونئيرن سان تعزيت ڪئي ۽ ڌڻيءَ در دعا ڪئي تہ الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا ڪري ۽ سندس پونئيرن کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي (آمين). ان موقعي تي ڪمشنر / ڊي آء جي لاڙڪاڻو ڊويزن ڊپٽي ڪمشنر / ايس ايس پي جيڪب آباد پڻ موجود ھيا