لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو ۾ شاگردن جي لاء ” ڪيريئر ڪونسلنگ ” جي موضوع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو سيمينار کي ميجر رٽائرڊ غلام مصطفي ۽ عديل خان سي اي او اميگريشن ڪنسلٽنٽ گروپ يوکي خطاب ڪندي چيو تہ برطانيا دنيا جي پنجي وڏي معيشت آهي موجوده ڪو ووڊ صورتحال ۽ يورپي يونين کان علهدگي کانپوءِ برطانيا کي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ڪمي کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئر لمس، ﷲ ڏنو ملاح ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪيو اي سي لمس، ڊاڪٽر فهيم ميمڻ ڊپٽي ڊائريڪٽر اڪيڊمڪ، اقبال ميمڻ اسپورٽ لمس، سجاول عالياني ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئر، منور ڀٽو ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپورٽس سميت شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.