سکر: (رپورٽ: شاهد علي لاشاري) سکر موٽر وي پوليس کي جديد اوزارن سان ليس ڪيو پيو وڃي، موٽر وي پوليس جي آ فيسرن ۽ جوانن کي جديد ريسڪيو ڪٽر جي ٽريننگ ڏيڻ وارو عمل شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن سان روڊ حادثن سميت قدرتي آفتن ۾ به انساني جانين کي بچائڻ ۾ مدد ملندي. ايس پي موٽر وي سکر سيڪٽر جاويد اقبال چڌڙ. تفصيل موجب آءِ جي موٽر وي سيد ڪليم امام، ايڊيشنل آءِ جي سائوٿ ريجن جاويد علي مهر ۽ ڊي آءِ جي سنڌ علي شير جکراڻي جي خصوصي هدايتن تي ايس پي موٽر وي سکر سيڪٽر جاويد اقبال چڌڙ جي نگرانيءَ هيٺ روڊ حادثن جي صورت ۾ انساني جانين کي بچائڻ لاءِ جديد ريسڪيو ڪٽر کي استعمال ڪرڻ ۽ ريسڪيو دوران احتياطي اُپائن بابت آفيسرن ۽ جوانن کي ٽريننگ ڏيڻ وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته ڏهرڪي ٽرين حادثي ۾ موٽر وي پوليس ريسڪيو ادارن سان گڏجي ڪٽر جي مدد سان ڪيترن ئي ڦاٿل زخمي مسافرن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي هئي، جڏهن ته گذريل سال ڪراچي لياري واري علائقي ۾ ڪريل زبون حال عمارت جي ملبي هيٺان ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪٽر جي مدد سان ڪڍڻ ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏنيون. ان ڏس ۾ ايس پي موٽر وي سکر سيڪٽر جاويد اقبال چڌڙ جو چوڻ آهي ته آءِ جي موٽر وي طرفان موٽر وي پوليس کي پوري پاڪستان ۾ جديد ڪٽر ڏنا ويا آهن، جن جي مدد سان روڊ حادثن ۾ انساني جانين کي بچائڻ ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾ به موٽر وي پوليس پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهندي.ان حوالي سان سکر سيڪٽر ۾ ريسڪيو ڪٽر جي استعمال ۽ ريسڪيو آپريشن دوران احتياطي اُپائن بابت چئن ڏينهن واري ٽريننگ شروع ڪئي وئي آهي،