سکر (پاڪ سوچ رپورٽر) سکر ڊسٽرڪٽ نيو تعلقه سکر جي شهرين قبضه مافيا جو قبرستان تي ۽ سرڪاري پلاٽن تي قبضو ڪري ڪوڙا کاتا ٺاهي ڏيڻ تي پلاٽنگ ڪندڙن خلاف احتجاجي مظاهرو وڌيڪ شهرين مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته قبضه مافيا قبرستان تي قبضه ڪرڻ ۾ مصروف قبرستان قبضي کان بعد بلڊر مافيا ٻيهر ديهه گوسڙجي ۾ به روينيو جي زمين تي قبضا جاري بغير خاتي وارين زمين تي قبضا، ديهه گوسڙجي ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن سنڌ روينيو کاتو ڪرپشن ۾ ملوث آهي روينيو بورڊ کي اپيل ڪئي وئي آهي ته قبضا مافيا کان عوام کي بچايو وڃي بلڊر مافيا قبضه ڪري پلاٽنگ ڪري شروع ڪري ڏني آهي عوام جي اکين ۾ چونو وڌو وڃي ٿو جيئن ته ڪجھ عرصو اڳ ۾ بلڊر مافيا قيوم قريشي سبزي منڊي سکر جي ڀرسان پلاٽنگ ڪئي هئي جنهن تي هڪ پلاٽ تي ٽي مالڪ ظاهر ٿيا عوام جي جيپ تي بلڊر مافيا جو ڌاڙو قبضا مافيا ۽ بلڊر مافيا عوام سان دوکي بازي ڪري رهيا آهن مختيار ڪار ۽ لينڊ روينيو کاتو پئسن عيوض سروي ڪري ڪوڙا کاتا ٺاهي ڏنا وڃن ٿا عوام جي شڪايتن تي مختيار ڪار ۽ رجسٽرار اگور ننڊ ستل روينيو ڊپارٽمينٽ ڪوئي ايڪشن نٿي وٺي گورنمينٽ آف سنڌ جو نقصان ٿي رهيو آهي شهرين احتجاج مظاهرو ڪندي گهر ڪئي ته اسان وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ سکر نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين ادارن کي مطالبو آهي ته اسان جي قبرستان کي بچايو وڃي ۽ بلڊر مافيا ۽ قبضه مافيا خلاف قانوني ايڪشن وٺي اسان کي نقصان کان بچايو وڃي