ٺٽو(ن ع) ٺٽي ضلعي جي ساحلي توڙي ڪوھستاني پٽي ۾ تيز ھوائن سان گڏ تيز برساتن جو سلسلو وقفي، وقفي سان جاري، شھرن جي شاھي بازارن سميت ڪچي آبادين ۽ مختلف ڳوٺڻ ۾ برساتي پاڻي گڏ ٿيڻ ڪري رھواسي سخت پريشان، وڏي تعداد ۾ ڪچن گھرن جي ڊھي پوڻ جا اطلاع، رھواسين پاران پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، خبر موجب ٺٽي جي ساحلي توڙي ڪوھستاني پٽي سميت ٺٽو، مڪلي، درگاھ ستيون، گجو، گھارو، جھمپير، جنگشاھي، غلام اللہ، ساڪرو، ڳاڙھو، سونڊا، جھرڪ سميت آسپاس وارن علائقن ۾ تيز برساتن جو وسڪارو وقفي وقفي سان جاري آھي، جنھن ڪري ٺٽي شھر سميت مختلف شھر جي شاھي بازارن سان گڏ ڪچي آبادين ۾ برساتي پاڻي بيھڻ ڪري شھرين جي زندگي مفلوج بڻجڻ سان گڏ وڏي تعداد ۾ مختلف ڳوٺن ڳوٺ ماستر محمد حسن ملاح، ڳوٺ مٺو ملاح، ڳوٺ عزت خان لاشاري، ڳوٺ انب رٽو، ڳوٺ ھوت خان لاشاري ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ آھن، جنھن ڪري ڳوٺاڻن جو گھرن کان ٻاھر نڪرڻ مشڪل بڻجڻ سميت مختلف ڳوٺن جي رھواسين کي انتظاميہ پاران عارضي ڪئمپ ۾ رھائش اختيار ڪرائي ويئي آھي، جن کي کاڌ خوراڪ نہ ملڻ ڪري بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آھن تہ ٻئي طرف ٺٽو وايا جھمپير روڊ تي منگسي ھوٽل وٽ سم نالي مٿان اڏيل مڪمل پل ٽٽي وڃڻ ڪري جھمپير واسين سميت آسپاس جا ڳوٺاڻا ٺٽي شھر کان زميني رابطي کان ڪٽجي ويا آھن، پر پل جي نئي سر تعمير لاء انتظاميہ ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، برساتون پوڻ ڪري ساريال جي تيار فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ سميت سم نالن جي کانٽي ۽ صفائي نہ ٿيڻ ڪري سم نالا ابتلا وھڻ ڪري پاڻي نہ نڪرڻ ڪري رھواسي سخت پريشاني جو شڪار بڻيل آھن، شھرين توڙي رھواسين وس وارن کان مطالبو ڪيو اھي تہ شھرن سميت پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺن مان برساتي گندو پاڻي نيڪال ڪرائي رھواسين کي پريشاني کان بچائي ٺٽو وايا جھمپير روڊ تي منگسي ھوٽل وٽ سم نالي مٿان ٽٽي ويل پل جي نئي سر تعمير ڪرائي روڊ کي بحال ڪري سم نالن جي کانٽي ۽ صفائي ڪرائي آبادگارن کي نقصان کان بچائي ٿيل نقصان جو ازالو ڪرايو وڃي.