سکر(پريس رليز) سکر ۾ ناري فائونڊيشن “توليدي صحت جي معلومات جو حق ھر عورت جو آھي” جي سري هيٺ 28 سيپٽمبر عورتن جي صحت متعلق تقريبون ڪوٺايون ويون.ناري فائونڊيشن شرڪت گاهه جي گڏيل سهڪار سان خانداني منصوبا سازي بابت ڪميونٽي سيشن “توليدي صحت جي معلومات جو حق ھر عورت جو آھي” 28 سيپٽمبر عورتن جي صحت متعلق شعور آگاھي جا پروگرام صالح پٽ تعلقي ۽ روهڙي تعلقي جي ڳوٺن ۾ ڪرايا ويا,ناري فائونڊيشن جي چيئرپرسن افشان اصغر ۽ انور علي مهر، ڪميو نٽي فيسليٽيٽرس شازيا, حيدر علي,سماجي اڳواڻن رحيم بخش چنڙ، عبدالوحيد مھر, محمد ھاشم سروري سميت وڏي انگ ۾ مقامي عورتن ۽ مردن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شادي شده عورتن جي سٺي صحت رکڻ سان عورتن ۾ ويم دوران فوت ٿيڻ وارن واقعن ۾ ڪمي آڻي سگھجي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ جڏهن ته ننڍي ڄمار جي شادين ڪري عورتن ۽ ٻارڙن ۾ رت جي گهٽتائي جي بيمارين سميت ٻارن جي واڌ وارو عمل به گهٽجي وڃي ٿو ناري فائونڊيشن جي افشان اصغر چيو ته خاندان کي گهٽائڻ يا وڌائڻ ۾ به زال مڙس جي منصوبابندي ڪرڻ گهرجي هن چيو ته گهڻا ٻار پيدا ٿيڻ بعد والدين جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. عورتن کي زنانين بيمارين،ذھني پريشانين, فيملي پلاننگ ۽ سيف ابارشن بابت صلاحون ۽ مفت مشورا وٺڻ لاء سنڌ حڪومت ۽ ٻين سماجي ادارن سان رابطو ڪرڻ گھرجي ڪرونا واري صورتحال جي ڪري ڪافي عورتون پنھنجو علاج يا چڪاس وقت سر نه پيون ڪرائي سگھن.ھن چيو ته هنن پروگرامن جو مقصد شادي شدھ مردن ۽ عورتن جي صحت متعلق آگاهي ڏيڻ ۽ ڪرونا وائرس کان بچاءُ بابت ڄاڻ ڏيڻ هو، ڪرونا وائرس دوران پيٽ (ڳورهاري) وارين عورتن کي درپيش مسئلن بابت پڻ حل ٻڌايا ان سان گڏوگڏ خانداني منصوبا بندي جي طور طريقن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وئي جنهن ۾ عارضي خانداني منصوبا بندي ۽ مستقل خانداني منصوبا بندي جي باري ۾ ٻڌايو ويو،ناري فائونڊيشن جي چيئرپرسن افشان اصغر چيو ته ان لاء اسان جي تنظيم ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾ عورتن جي صحت بابت آگاھي سيشن ڪرايا پيا وڃن. ھنن چيو ته بنيادي صحت ۽ فيملي پلاننگ عورتن جي حقن ۾ شامل آهن انهن کي ملڻ گهرجن.