جمعيّت علماء اسلام تعلقه لکي جي پريس سيڪريٽري۽ سوشل ورکرن جو گڏيل اجلاس چڪ شھر ۾ تعلقه امير مولانا غلام ﷲ جي صدارت ۾ٿي گذريو. جنهن ۾تعلقه لکي جي پريس سيڪريٽرين۽سوشل ورکررن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾فيصلو ڪيو ويو ته ضلع شڪارپور طرفان ٿيندڙ 31آڪٽوبر تي ميڊيا ڪنوينشن ۾ تعلقه لکي طرفان ڀرپور شرڪت ڪبي تنهن ڪري تعلقي لکي جا پريس سيڪريٽري ۽سوشل ورکراڄ کان وٺي ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ ڀرپور محنت ڪن.جڏهن ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت جي طرفان ميڊيا جي آزادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ھر آئي ڏينهن نوان نوان حربا استعمال ڪيا پيا وڃن جنهن جي سخت لفظن ۾مذمت ڪيون ٿا. ياد رهي ته اجلاس ۾ ضلع شڪارپور جي پريس سيڪريٽري حافظ رفيق احمد شر جن خصوصي شرڪت ڪئي. جڏهن ته مولانا رحيم بخش مولانا دين محمد. عبدالقدوس. حبيب ﷲ منگي. عزيزالرحمان مھر. بابو حسين ۽ٻين ڪيترن ئي سوشل ورڪرن شرڪت ڪئي