لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو ۾ دل جي شعبي طرفان دل جي عالمي ڏينهن تي دل جي بيمارين جي آگاهي بابت سيمينار ۽ واڪ ڪئي وئي، آگاهي واڪ ۾ لمس جي وائيس چانسلر پروفيسر بيکارام ديوراجاني ۽ رجسٽرار ڊاڪٽر حاجي محمد شيخ جي اڳواڻي ۾ ايڊمنسٽريشن بلاڪ کان ٿيندي پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر تي ختم ڪئي وئي جنهن کانپوءِ آٽي ٽي لمس هال ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر بيکارام ديوراجاني چيو تہ پنهنجي دل جو خيال رکو پنهنجي وزن جو خيال رکو ڇو تہ تندرستي هزار نعمت آهي اڳي چيو ويندو هيو تہ دل جي بيماري اميرن جي بيماري آهي پر ائين غلط آهي هي بيماري امير غريب سميت ٻارن کي بہ لڳي پئي جيڪڏهن اسان کي دل جي بيمارين کان بچڻو آهي تہ لائف اسٽائل کي تبديل ڪرڻو پوندو جيڪڏهن اسان روز واڪ ڪيون ۽ پنهنجي خوراڪ تي ڌيان ڏيون تہ دل جي بيمارين سان ڪافي حد تائين بچي سگهجي ٿو سيمنار موقعي تي لمس رجسٽرار ڊاڪٽر حاجي محمد شيخ ،ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ ڊاڪٽر صديق پنهوار، چيئرمين ڊاڪٽر غفار ميمڻ پڻ موجود هئا.