جڏھن ڪو فرد هن افرادن واري معاشري ۾ جتي تمنائون ئي تمنائون، ٻين کي نيچ ڪري يا سمجھي پاڻ کي اتامڻو ليکي، باقي سڀ ڪمتر، جتي ھڪ انسان جي سڃاڻپ ذات پات، قوم قبيلا، رنگ نسل، اميري غريبيءَ جي تحت ٿئي، اڃان وڌيڪ فرقا ڦرڪيون ۽ دين ڌرم، جيڪي اسان کي ظاھر ڪن وري انھن سڀني جا ويس رنگ ڳالھائڻ جا ڍنگ ۽ انداز سڀ الڳ، رسمون ۽ رواج به مختلف جيڪڏهن ھڪ گھر ۾ چار ڀاتي ته انھن جا پير مرشد ۽ نظريا وري ٽوپين پائڻ کان وٺي اٿڻ ويھڻ وارا انداز ئي تبديل، بس ھرڪو پنھنجي مام ۾ مست، علم تائين پھچندي پھچندي اڳيون سوجھرو ئي چٽ، چوڻ جو مقصد ته علم ڪتابن مان وڃي پڙھجي ائين نه بس رٽا ۽ ڪاپي پيسٽ رائيٽر وارن جو علم ھڪ الفاظ وسريو ته سڄو جملو ججھٽ ۾.
صوفي پاڻ کي لا ڪوفي تصور ڪري ٿو يعني اھڙن فرقن ۽ ڦرڪين کان بغاوت ٿو ڪري جتي نفرت جا پھڻ کڙا ٿيل ھجن ۽ ھرڪو سوا سير جي نعري تحت نچندو رھي، يعني ڪنھن جي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هجي، اتي ھڪڙا اھڙا فرد جيڪي انسانيت جي رنگ ۾ رنگجي ان جي چاشني چکي ۽ واپرائڻ ۾ لڳل ھجن، جن وٽ ھر ھڪ لاءِ احترام ۽ ادب ھجي، محبتون تحفن وانگر پيش ٿين، خفتي خدن جي پڇيل سوال جي جواب ۾ درويش سمجھاڻي ڏئي رھيو ھو، خدن خفتي صوفي لا ڪوفي جي تشريح معلوم ڪرڻ پئي چاھي، دويش وضاحت جي صورت ۾ ڪچھريءَ ڪندي چئي رھيو ھو ته صوفي انسانيت جي لتاڙ وارين شين کان پاڻ کي آجو ٿو ڪري، نه ئي ڪنھن جي دل آزاري وارن الفاظن سان نه خوامخواه بحث ۽ تبصرن تحت، ھو اھڙن فضول ڳالهين ۽ حرڪتن کان پاسو ڪرڻ ۽ ڪرائڻ کي اھميت ڏئي ٿو، جيتوڻيڪ ھو پنھنجو مقصد ۽ نظريو واضع ۽ دلڪش انداز ۽ عملي روپ ۾ اڳيان آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڪنھن کي وڻي ته صحيح جي نه وڻي ته به خير، ائين به ڪونھي ھو ھڪ مسلم جي صورت ۾ ان جا اصول ۽ قانونن جي خلاف ورزي به نٿو ڪري، پر خوامخواه ڪنھن تي اجايو طاقت دھشت ۽ تنگ نظري جي روپ ۾ حاوي به ٿيڻ نٿو چاھي، ان جي ڪوشش ھوندي آھي ته بغير تعصب ۽ ويڙهه جهڳڙي فساد جي پنھنجو عظيم فلسفو پکيڙي، ڪنھن جي دل آزاري سان نه پر سمجھاڻي سان جيڪا علمي روحاني قدرن سان، جيڪا باقاعده عملي طريقي تحت ھجي، خدن خفتي کي لاڪوفي جي لفظ جي تشريح سمجھ ۾ اچي وئي، چوڻ لڳو خالو ھوٽل واري کي مون کي ته لکاني چيو ھو ھو ڪوفي معنيٰ غير مذھب، پر اتي وري درويش ورندي ڏيندي چيو غير مذهبي گفتگو يعني توازن کان خالي کوکلي ڳالھه جنهن ۾ وزن نه ھجي جنھن ۾ ڪنھن تي اجايا بھتان ۽ الزام بازيءَ نه ھجي.
Masha Allah baba Sain