مٽياري(رپورٽ) اڏيرولعل وليج يوسي جي عوام لاء ٺهيل ٽئي آر او پلانٽ بند.شهرين جون ميڊيا اڳيان شڪايتون.
تفصيل موجب: اڏيرولعل يوسي جي عوام جي لاء ٺهيل ٽئي آر او پلانٽ ڪيتري وقت کان بند پيل شهرين جو آر او پلانٽ کولڻ جو مطالبو.
ان موقعي تي اڏيرولعل جي شهرين سيد ذوالفقار علي شاھ,وسيم علي شيخ,منٺار شيخ,حسنين شيخ,رئيس امداد کوسو, دودو مينگهوار ۽ ٻين ميڊيا جي نمائندن اڳيان دانهيندي چيو ته اڏيرولعل يوسي ۾ ٽي آر او پلانٽ ٺهيل آهن جن ۾ هڪ ڳوٺ محمد عثمان کوسو ٻيو مجيداڻو پاڙو اڏيرولعل ۽ ٽيون ڄاموٽ محله اڏيرولعل ۾ لڳل آهن.
پر افسوس جو ٽئي ٺهيل آر او پلانٽ ٺهڻ کان پوء ڪجھ مهينا چالو ٿيا.پر پوء آهستي آهستي پهرين هڪ بند ٿيو پوء ڪجھ مهينن کان ٻيو بند ٿيو ائين ٽيو مجيداڻو محلا وارو به بند ٿي ويو.
جڏھن اسان انهن آر او پلانٽ جي آپريٽرن کان آر او پلانٽ بند ڪرڻ جو پڇون ٿا ته هنن جي چوڻ مطابق هنن جون ڪيترن مهينن کان بند آهن اعلا آفيسر اڏيرولعل جي آر او پلانٽ تي ڪا به دلچسپي نٿي وٺي.
هوڏانهن اڏيرولعل جي سماجي اڳواڻن چيو ته حڪومت طرفان لکن جي بجيٽ جي لاڳت سان ٺهيل آر او پلانٽ مان اڏيرولعل جي عوام کي ڪو به فائدو نه ملي سگهيو آهي.ڪيتري وقت کان اڏيرولعل ۾ ٺهيل ٽئي آر او پلانٽ بند پيل آهن ڇا هنن آر او پلانٽن جي ساليان بجيٽ ڪيڏانهن وئي ڇا اعلا آفيسر رڳو ڪاغزي ڪاروائي ڪري پيسا هڙپ ڪريو ڇڏين.
سو اسين ايم پي اي ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان,ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ اعلا آفيسرن کي پر زور اپيل ٿا ڪريون ته اڏيرولعل جا ٽئي آر او پلانٽ چالو ڪري عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي….