جنهن سنڌ بابت اسانکي خبر آهي اها سنڌ هيءَ ناهي، يا تہ سنڌ ۾ اهي انسان ناهن رهيا سڀ ذات ۾ ڦاسجي ويا آهن جنهن سبب اهڙا واقعا رونما ٿين ٿا جو انسانيت جي تذليل ٿيئي ٿي ۽ وري جاڳي رڳو ”ذات” ٿي، ڪنهن کي انسانيت جو ذڪر ڪرڻ جو اونو ئي ڪونهي، وقت جي مناسبت سان چار اکر سرجڻ جو اڄ مقصد اهو آهي تہ پاڻ انسان ٿيون ڪيئن؟ يا پاڻ انسان آهيون تہ ظاهر ڪيون ڪيئن؟ پاڻ ذات ۾ ڦاسڻ کانپوءِ انسانيت کي زنده رکڻ لاءِ ڇا ڪيون؟ ڪاوڙ، ماڻهپوڌاريون، قدُر، مُحبت يا ويڙهہ؟ سڄو اهڙو لڪاءُ ٿي ويو آهي جو انسانن کي بخش تہ نٿو ڪيو وڃي پر سڃاڻپ لاءِ ٻيئي کي بہ انسان نٿو ٿيڻو پوي پر ذات پات ۾ ڦاسجڻ ڪري هُو پنهنجي طاقت وڃائي ٿو ويهي، تازو ئي سنڌ جي سياسي طور وڏي شهر سن ۾ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو آهي، جنهن واقعي نہ رڳو انسانيت کي لڄايو آهي پر سائين جي ايم سيد جي روح کي پڻ ڇيهو رسايو آهي، سن واسي پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ ظفر شاهہ پنهنجي اندر جي انسان کي ماري آدم خور واري ڪرت ڏيکاري آهي، ٻہ ڏينهن اڳ سن ۾ حيدر شاهہ سنائي قبرستان ۾ مدفون ملاح ذات جي ماڻهن جون 12 قبرن کوٽائي انهن مان هڏا ڪڍرائي اهي هڪ ئي قبر ۾ پورائي ”نسلي متڀيد سوچ” کي جنم ڏنو آهي، ظفر شاهہ جي غير انساني عمل سڄي سنڌ کي ڏُکارو ڪيو جنهن جو رد عمل پڻ سخت آيو آهي، رد عمل جو پهريون ٽارگيٽ سائين جي ايم سيد کي ڪيو ويو، ظفر شاهہ جي غير انساني عمل جي اڙ وٺي غير نظرياتي ماڻهن سائين جي ايم سيد تي تنقيد جا تير هڻڻ شروع ڪري ڏنا آهن، سيد جي وڇوڙي کي اسانجي عمر کان بہ وڌيڪ وقت گذري ويو پر ڇوهہ ڇنڊيندڙ جو جياپو ان جي مخالفت سان آهي، سائين جي ايم سيد رڳو ڄائو ۽ مٽي ۾ آرامي ناهي ٿيو پر هُو سنڌ جي وجود جي بقا ۽ سنڌيت جي بقا جو علمبردار هئو، ان ڳالهہ کان انڪار ناهي تہ سيد جي گهراڻي مان سندس پوئينرن ۾ ڪير بہ ان رستي تي ناهي، ان تي تنقيد هن عمل کي ڳنڍي ڪرڻ انتهائي غير اخلاقي آهي، ان معاملي تي ٻي تنقيد وري سيد جلال محمود شاهہ ۽ سندس پارٽي ايس ايو پي تي ٿيئي پئي، مطلب تہ ظفر شاهہ وري اتان بہ آجو، هڪڙي جي ڪري سڀني کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، ان جو ايس يو پي موقف ڏئي ڇڏيو آهي تہ مون لاءِ ملاح اوترا محترم آهن جيترا سيد، افسوس مون خلاف منهنجا پنهنجا استعمال ٿي رهيا آهن جن جا ڪي لڪيل مقصد آهن قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جنهن تي ملاح برادري جا ماڻهو متفق آهن، ٻي اهم ڳالهہ تہ ان واقعي کي ڪجهہ پڙهيل ڳڙهيل سيد خاندان کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي چڪر ۾ صرف ملاح ذات سان پيا ڳنڍن يا لکن، جن ذاتين، پاڙن ۾ مير بحر، ملاح، ميراڻي، امير البحر اچي وڃن ٿا، هي واقعو انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو آهي پران کي صرف ذات تائين ڳنڍڻ ظفر شاهہ کي ڏوهي قرار نہ ڏيڻ برابر هوندو، مون نہ ايئين ڪو ڄاتو ھو سنڌڙي اھڙا ڏينھن بہ ڏسندي، مٽيءَ جي ڪا ذات بہ هوندي مٽي سيد، ملاح ٿيندي، واقعي اسان ايئن ڪڏهن بہ نہ ڀانيو هو تہ مٽيء کي بہ ذات ٿيڻو پوندو، مٽيءَ جي سڃاڻپ ذاتين سان ٿيندي، اهڙا ماڻهن جا خيال ۽ ويچار هوندا جو انسانيت جي حق ۾ ڳالهائڻ بدران ذات تي ڳالهائڻو پوندو، ذاتيون، برادريون الڳ حيثيت رکن ٿيون پر انسانيت سڀ کان اهم آهي، سن واسي ظفر شاهہ نہ رڳو ملاحن جي قبرن جي بي حرمتي ڪئي آهي پر انسانيت کي لڄايو اٿس ۽ اسانکي نہ وسارڻ گهرجي تہ ڪوبہ ڏوهہ، ڪوبہ فرد يا پارٽي سزا ۽ تنقيد کان مٿاهين ناهي، پرهو جي سڙن ٿا تنهنجي ڏات ڏسي، ڄڻ هو وڙهن ٿا سيڙهيون رکي سج سان، ھڪڙي انسان جي انفرادي عمل جي پوري خاندان يا سائين جي ايم سيد تي سزا لاڳو ڪرڻ غيرمناسب عمل آهي، ظفر شاهہ داداگري ڪري ۽ انساني حقن جي مڪمل ڀڃڪڙي ڪئي آهي، سزا ۽ جزا جو عمل ان لاء انسانيت جي بچاءُ لاءِ تہء ڪيو وڃي، ٻيو تہ سندس جو تعلق بہ سنڌ جي پاسي ناهي، مطلب تہ سيد جي وقت کان اڄ تائين هُو قومي تحريڪ کان پاسيرو آهي، سائين جي ايم سيد جا فڪري پوئلڳ انسانيت جي پاسي آهن، ڪنهن بہ ذات، پات سان ڌاڍ ۽ ناانصافي سيد جي پيغام ۾ شامل ناهي، ان لاء هن واقعي کي انساني همدردي ۽ مذمتي طور تي ڏٺو وڃي صرف ذات ۾ اڙجي انسانيت کي پوئتي نہ ڌڪجي، ظفر شاهہ انسانيت کي لڄايو آهي اهو نہ رڳو سيد جي فڪر تي وار آهي پر دلين ۾ بہ نفرت جي نظر سان ظفر شاهہ کي ڏٺو وڃي ٿو، ملاح اسان جو روح آهن، ڇو جو سنڌو درياهہ جا وارث آهن ۽ اسان سنڌوءَ جي سُرڪ پيتي آهي، ظفر شاهہ جي اهڙي مجرماڻي عمل تي ڇڇر ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيو آهي، اخبارن، ٽي وي چينلس ۽ سوشل ميڊيا جي مختلف ٽولز تي ظفر شاهہ جي گرفتاري جو مطالبو ٿي رهيو آهي، ڇو جو سندس عمل سان سنڌ جي روح کي رانڀوٽا لڳا آهن، ان لاءِ ڪير بہ ان عمل تي خاموش ناهي، قومپترست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين پارا واقعي خلاف سن ۾ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڇو جو ڳالهہ پاڻ کي انسانيت جي ڪرڻ آهي، پڙهيل ڳڙهيلن تہ وسان ناهي گهٽايو تہ ملاح ذات کي اتساهي خون ريزي ڪرائجي پر انسانيت تي يقين رکندڙ ان ڳالهہ کان بخوبي واقف آهن تہ ڪيترو نقصان ٿيندو، 12 انسانن جي قبرن کي کوٽرائي هڏڙن جي تذليل ڪندڙ ظفر شاهہ انسانيت جي ليڪي ۾ بلڪل بہ نٿو اچي، اسانکي درياهہ جا مالڪ مٺا آهن انهن جي دل ۾ سنڌ ڌَڙڪي ٿي، سندن دلين کي تڪليف آئي آهي تہ سنڌ کي تڪليف آئي آهي جيڪا برداشت جوڳي ناهي، سنڌ واسي قانوني جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪن ٿا تہ انسانيت کي لڄائيندڙ، انتها پسندي ۽ جهالت جي انتها ڪندڙ سن واسي ظفر شاهہ کي فوري طور گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي تہ جيئن آئيندا سنڌ ۾ اهڙا واقعا رونما ڪندڙ خوف کائن.