ڪالم
ميرا سيرا ھر ھنڌ ٿيندا آهن، جتي اڇا ھوندا آھن اتي ميرا به ضرور جنم وٺندا آهن، ائين به ڪونھي جو دنياوي سفيدي جو انت اچي ويو آھي، ھر طرف ميرانجهڙو ڇائنجي ويو آھي، اُھا ٻي ڳالھ چئبي جو اسان جي روح ۾ اڇاڻ جي جڳهه ميرائي ورتي آھي، جتي پاڪيزه دامن وارا رھن ٿا اتي وري ڪاراڻ وارن قلبن جي به کوٽ ناھي، بس اصل ڳالھه آھي منھن ميرائي جي.
جڏھن سمون ڄام سلطان ھوندين به ھڪ مائي مھاڻي کي دل ڏئي وڌي، اھا دل ڪا حوص ۽ حرص جي بنياد تي شاھ صاحب ڳائي ڪانھي، پر ھڪ فلاسفي تحت ساراھيو آھي ته جڏھن دلين ۾ سفيدي ۽ اڇاڻ نمايان ٿيندي آھي ته اميري ۽ غريبي جا ويڇا وسري ويندا آھن، نفرتن جي جاءِ تي محبتن جون پالوٽون ٿينديون آھن، جڏھن اک ۾ نرمي ۽ حياءِ انسانيت اچڻ شروع ٿيندي آهي، تڏھن ھڪ انسان ذات واري انائيت کان نڪري ھڪ انسان سڏائڻ تي فخر ڪرڻ لڳندو آھي.
ٺيڪ آھي اسان جي معاشري ۽ سماج ۾ ذاتيون ۽ دولت جي تصور تحت عزت ۽ احترام ملندا آھن پر حقيقت ۾ عزتون ڪردارن کي ڳولينديون ورتنديون آھن، انسانيت جي نچوڙ سردار خاتم النبي صلي الله عليه وسلم به ڪاري ۽ سفيد واري فرق کي نديو آھي، تڏھن ته اسلام سڀني مذھبن کان مٿاھون سمجھيو ٿو وڃي، اھڙو سلوڪ ۽ رواداريءَ جا عملي زندگيءَ ۾ نمونا اسلام پنهنجي طريقي سان ظاھري طرح سامھون آندا آھن، اھا ٻي ڳالهه ڪنھن ھڪ فرد جي ڪُڌي ڪم جي پويان سڄي ڪا به ذات ڏوھي نه ھوندي آھي اھو ڪم فردن جي بگاڙ تحت ٿيندا آھن.
جيڪڏهن سيد ذات جو درجو پاڻ سردار ڪريمن جي ڪري عزت وارو ليکيو ٿو وڃي ته بلاول حبشي رضه غلام ھوندين به مان ۽ عزت ٿو لھي اتي غلام ۽ آقا جي تصور ھڪ شفيق ۽ محبت ڀريو نظر ٿو اچي، ائين علي سائين عليه السلام ۽ سندس فرزندن جا ڪردار ڪي لڪل ناھن، جيڪڏهن ڪو ان جي پيروي نه ڪري بقول شاھ صاحب جي ته، “ابا ۽ نانا اھڙا وائي انا ڪڪڙين ڪئين ڪرائي ڇڏيا”، ھر انسان جو جيترو زندگيءَ ۾ مرتبو عزت آھي اوترو مرڻ بعد به مذهبي رسمن تحت ان کي حق حاصل آهي، اھا ٻي ڳالھ آهي جو ھن جديد دؤر جي ھڻ ھڻان اڃان گھڻي، اڃان گھڻي جي پويان انسان نڪري پيو آھي ھزارن سالن جي ثقافت لوڀ لالچ جي نظر ٿيندي پئي وڃي، خاص ڪري ھن خطي برصغير ۾ ملاحن جي جستجو کي وڏي مان ۽ مرتبي سان ڏٺو ٿو وڃي ان جو ثبوت سائينءَ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جا شعر اسان جي رھڻي ڪھڻي جي عقاسي طور ظاھر آھن، باقي ڪدورتون ۽ نفرتون فقط فردن تائين محدود رھڻ گھرجن انھن کي عام ذاتين تائين نه وٺي وڃجي.
جڏھن درويش جي آستاني تي ڪاڪي چپڙ سان اھڙيون گفتگو ڪندين وڃي پھتاسين ته درويش پنهنجي گودڙي کي ڦلوڙي رھيو ھو ۽ چيائين اسان جي گودڙي ظاھري طرح ڀلي کڻي گندي ڇو نه ھجي پر ان جي اندر گندگي ڪا نه ھوندي، اُھا ھميشه اندر کان صاف ۽ شفاف رکبي آهي، جيڪڏهن ائين ھڪ انسان پنهنجي ٻئي انسان ڀاءُ لاءِ اُجري اڇائي رکندو رھي ته ھي سڄو معاشرو گندو نظر نه اچي، ھتي ھر گوڏ پھريل کان وٺي اميراڻي پوشاڪ وارن جو ناتو مظبوط ۽ پائيدار ھجي ۽ زمين ويچاري پاڻ ۾ ڪيترن ئي انسانن جي وجود کي مرڻ بعد ۾ سانڍي انھن جا ھڏا محفوظ رکي ٿي، ائين ڪنھن فرد کي ڪو حق ناھي ڪنھن جي ھڏن جي تذليل ڪري اھو ته انساني ڪردار جي ئي ابتڙ آهي، خبر ناھي زمين اڳتي ان تذليل ڪرڻ واري کي به ڀاڪرن ۾ وٺي يا نه وٺي، بس درويش اسان جي سڀني سوالن جا جواب ڏئي ڇڏيا اسان هلڻ واري ڪئي.