پريالوءِ پاڪ سوچ رپورٽر) پريالوءِ خيرپور ۾ ايس ايڇ او جي سربراهي ۾ روزانه جي بنياد تي رتني گيم هلائڻ جي کلي اجازت، نوجوان نسل تباهه، شهرين جو پوليس خلاف احتجاج مظاهرو شهرين پوليس جي خلاف شڪايت ڪندي ٻڌايو ته پريالوءِ شهر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ سماجي برائيون عروج تي هلڻ لڳيون آهن پوليس هفتو وٺڻ ۾ مصروف آهي اسان جو نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي پريالوءِ جي مختلف علائقن ۾ آڪڙا پرچي، منشيات، گٽڪا، سرعام هلڻ لڳا نوجوان نسل رتني گيم، آڪڙا پرچي جي انعام جي لالچ ۾گهرن جو سامان وڪڻي گيم کيڏي گهر وارن جو ۽ پنهنجو نقصان ڪن ٿا وڌيڪ شهرين ٻڌايو ته نوجوان آڪڙا پرچي جي ڪري اسڪول نٿا وڃن ٻارن جي تعليم برباد ٿي رهي آهي اسان جو IG سنڌ، DIG سکر، SSP خيرپور ۽ ٻين اعليٰ اختيارن کان مطالبو آهي ته راشي ڪرپٽ SHO کي هٽائي ايماندار پوليس آفيسر مقرر ڪري نوجوانن جو مستقبل بچايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.