اوٻاوڙو ( رپورٽ) سنڌ حڪومت جي هدايتن مطابق ضلعي گهوٽڪي ۾ ڪورونا وائرس جي پيش نظر سخت قدم کڻڻ جو فيصلو، سمورن صنعتي ادارن، اسڪولن، اسٽورن، ٽرانسپورٽن ۽ ٻين ڪاروبارن ڏانهن هدايت نامو جاري ڪيو ويو، عمل نه ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو چتاءُ. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل هدايتن مطابق ضلعي جي نجي اسڪولن، ڪاليجن ۽ ڪمپيوٽر سينٽرن ڏانهن هدايت نامو جاري ڪيو آهي ته صرف انهن شاگردن کي اچڻ جي اجازت ڏني وڃي جن جي والدين ڪورونا ويڪسين لڳرائي آهي ان سلسلي ۾ سمورو رڪارڊ رکيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن ادارن کي سيل به ڪري سگهجي ٿو. بن چيو آهي ته پاليسي موجب سمورا ٽرانسپورٽر صرف انهن مسافرن کي سهولت فراهم ڪندا جن وٽ ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ وارا سرٽيفڪيٽ هوندا جيڪڏهن ڪنهن ٽراسپورٽر پاليسي جي خلاف ورزي ڪئي ته سندس بس، ويگن يا ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويندو. هن سمورن صنعتي ادارن، شوگر، فلور ۽ آئل ملز سميت ننڍن وڏن ڪارخانن جي مالڪن کي هدايت ڪئي آهي ته هو لازمي طور تي پنهنجي ورڪرن کي ويڪسين لڳرائن ۽ اهڙن ورڪرن کي ڪم تي نه گهرايو وڃي جيڪي بغير ڪنهن سبب جي ويڪسين لڳرائڻ کان انڪاري آهن. ڊپٽي ڪمشنر سمورن دوڪاندارن، هوٽل، ريسٽورانٽ، اسٽورن ۽ بيڪرين جي مالڪن کي تنبيهه ڪئي آهي ته هو ضلعي انتظاميه جي هدايت نامي کي واضع ڪري ڇڏين ته ڪنهن به اهڙي شخص کي سهولت فراهم نه ڪئي ويندي جنهن ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي ويڪسين ناهي لڳرائي. ڊپٽي ڪمشنر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي پيش نظر حڪومت سنڌ جي ذڪر ڪيل هدايتن تي عمل نه ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪئي ويندي.