لاڙڪاڻو 25 سيپٽمبر 2021 (هه- آ):- ڪورونا ويڪسين لاءِ هر ملازم کي پابند ڪيو وڃي ته هو هر صورت ۾ ويڪسين لڳرائن، 30 سيپٽمبر 2021ع کانپوءِ ڪنهن به ماڻهو کي ٿاڻي، ڪورٽ يا ڪنهن عام جڳهه تي وڃڻ جي اجازت نه هوندي جيستائين هو ويڪسين نه لڳرائيندا.
اهڙن خيالن جو اظهار ڪمشنر لاڙڪاڻو شفيق احمد مهيسر گذريل ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ ڪورونا ويڪسين متعلق هڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته تمام سرڪاري ملازمن ۽ خاص طور تي صحت کاتي جي ملازمن کي پابند بڻايو وڃي ته هو پاڻ به ويڪسين لڳرائن ۽ عام ماڻهو کي ويڪسين لڳرائڻ لاءِ آگاهي ڏين ۽ انهن کي پابند بڻائن. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ويڪسين نه لڳرائيندو ته 15 آڪٽوبر 2021ع کانپوءِ ٽرين، بسن ۾ يا ٻئي ڪنهن به قسم جي ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، ان موقعي تي ڪمشنر سڀني ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڏيندي چيوته اوهان ويڪسين متعلق جيڪي به قدم کنيا آهن اهي بهتر آهن پر مان اوهان کي وڌيڪ هدايت ڏيان ٿو ته اوهان هڪ پلان جوڙيو ته جيئن هر هڪ ماڻهو ويڪسين لڳرائي ۽ انهي سان گڏوگڏ اوهان پنهنجي آفيسن ۾ ايندڙ ماڻهو کان ويڪسين لڳرائڻ وارو ڪارڊ چيڪ ڪن.
ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن جي سمورن ايس ايس پيز کي هدايت ڏيندي چيو ته اوهان پنهنجي آفيسن ۾ ويڪسين ڪارڊ کانسواءِ ڪنهن به ماڻهو کي اندر اچڻ جي اجازت نه ڏيو. آفيس ۾ اچڻ کان پهريان ويڪسين ڪارڊ چيڪ ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪو به ڊوميسائيل يا ٻئي قسم جو سرٽيفڪيٽ ويڪسين ڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ جاري ڪنداسين، ڪمشنر ان ڳالهه کي سارهائيندي چيو ته اوهان ماڻهن کي پابند بڻايو ته هو ويڪسين لڳرائڻ کانپوءِ ويڪسين ڪارڊ کڻي اچن ته جيئن انهن جي تصديق ٿي سگهي، ان سلسلي ۾ اوهان سوشل ورڪر کي پابند بڻايو ته اهي ماڻهو کي پيار ۽ محبت سان سمجهائن ته جيئن هو ويڪسين لڳرائن.
ڪمشنر وڌيڪ چيو ته مان اوهان کي هدايت ڏيان ٿو ته اوهان پاڻ کي ويڪسين جو پابند بڻائي ويڪسين لڳرايو. سمورا ڊپٽي ڪمشنر ، ڊي ايڇ او پرائيويٽ ڪلينڪن جي وزٽ ڪن ۽ اتي ويٺل ڊاڪٽرن کي چيڪ ڪن ته اتي علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي پڻ ويڪسين لڳائڻ جو پابند ڪن ۽ پاڻ به ويڪسين لڳرائن ٻئي صورت ۾ انهن جي ڪلينڪن کي سيل ڪيو ويندو. ڪمشنر وڌيڪ چيو ته سرڪاري اسڪولن ۽ پرائيويٽ اسڪولن کي پڻ پابند بڻايو وڃي ته هو ويڪسين لڳرائن.
ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ شڪايت ڪندي چيو ته اسان سان ڪجهه مسئلا درپيش آهن ڇو ته ڊي ايڇ او ۽ هيلٿ سائيڊ اسان وٽ ڪمزور آهن ڇاڪاڻ ته اهي بروقت ڊيوٽي تي نه ٿا اچن ان لاءِ کين اوهان هدايت ڪيو ته هو پنهنجي ڊيوٽي پابندي سان سرانجام ڏين. ان موقعي تي ڪمشنر چيو ته اوهان هڪ انچارج مقرر ڪيو جيڪو کين مانيٽر ڪري ۽ ان بابت رپورٽ ڏي ته جيئن سندن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي.
گڏجاڻي ۾ سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن، ايس ايس پيز ڊي ايڇ اوز ۽ لاڳاپيل ادارن جا عملدار پڻ موجود هئا.