)سوڀوديرو۔۔محمد جمن سولنگي( پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اڳواڻ ۽ سهتا منڱڻيجا اتحاد سنڌ جي صدر يار محمد خان منڱڻيجو چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي .ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آئي ھڪ ڀيرو ٻيھر وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو.سنڌ جا ماڻهو پي پي پي مان بيزار ٿي ڌڙا دڙ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي رهيا آهن ھن چيو ته موجوده وفاقي حڪومت عوام جا مسئلا سنجيدگي سان حل ڪري رهي آهي پر اپوزيشن عوام کي گمراھ ڪرڻ ۾ مصروف آهي ان جي باوجود ملڪ جو عوام تحريڪ انصاف سان گڏ آهي ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سنڌ ۾ پڻ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي هن چيو ته پي پي حڪومت شڪست جي خوف کان سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون نه ٿي ڪرائي .سنڌ ۾ پاڻي جي ايتري کوٽ ناهي جيتري واويلا ڪئي وڃي ٿي. پي پي پي جا وڏيرا غريبن جو پاڻي چوري ڪري پنهنجون زمينون آباد ڪري رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ، شاھ محمود قريشي، صيف الله ابڙو ،حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ تاريخي ۽ مثالي ترقياتي ڪم ڪرايا پيا وڃن سوڀوديرو ۾ عوام جي مطالبي تي نادرا جي آفيس قائم ڪئي وئي آهي.هن چيو ته علائقي جي عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرايا ويندا. جن ڳوٺن ۾ بجلي ،گئس جي سهولت ناهي انهن ڳوٺن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون