دادو(رپورٽ) جوهي تعلقي ۾ تيل ۽ گئس ڪڍندڙ ڪمپني او پي پي ايل انتظاميه جي ذيادتين خلاف سنڌ عوامي سٿ ضلع دادو جي اڳواڻن نور نبي ٻگهيو، جي ايم پنهور، رسول بخش جمالي، غفار جمالي، ڪامريڊ خادم حسين چانڊيو دادو پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته يوسي پير مشائخ، مراد آباد، پپري، ڪمال خان ٻين علائقن جي چوڌاري 5 ڪلو ميٽرن تائين تيل گئس ڪڍندڙ بي ايڇ پي ڪمپني جيڪا هاڻ او پي پي ايل نالي سان سڏجي ٿي جيڪا 1998 کان علائقي ۾ ڪم ڪري رهي آهي تيل گئس جي زهريلي ڪميڪل سبب جر جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي جنهن سبب مقامي ڳوٺاڻا ڪينسر سميت ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي رهيا آهن، ڪمپني پاران مجموعي پيداوار جو هڪ سيڪڙو علائقي جي ترقي لاء خرچ ڪرڻ لاءِ پابند هوندي آهي، مقامي ڳوٺاڻن پنهنجي علائقي لاءِ اسپتال، اسڪول، روڊ رستا پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ تيل گئس ڪڍندڙ ڪمپني انتظاميه خلاف پر امن احتجاجن طور حق گهرڻ تي 60 ڳوٺاڻن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرائي پنهنجي حقن جي حاصلات تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءۡ وڌو پيو وڃي، پريس ڪانفرنس ڪندڙ اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزيراعظم عمران خان، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، ڊپٽي ڪمشنر دادو، ايس ايس پي دادو سميت اعلیٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته ڳوٺاڻن مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري تيل گئس ڪڍندڙ او پي پي ايل ڪمپني انتظاميه خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ علائقي جي ترقي لاءِ فنڊز جاري ڪري مقامي ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو وڃي.