سکر(بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر عذرا پيچوهو وزير صحت سنڌ جي حڪمن تي گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ پنوعاقل جي سرڪاري اسپتالن کي جي ايم سي ٽيچنگ ڪاليج اسپتال جي ماتحت ڪرڻ بعد ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر ذوالفقار سومرو جي اسپتالن ۾ وزٽ گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ پنوعاقل جي سرڪاري اسپتالن ۾ عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي خاطري، تفصيل موجب وزير صحت سنڌ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي حڪمن تي گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ پنوعاقل جي سرڪاري اسپتالن کي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي ماتحت ڪرڻ بعد جي ايم سي ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٽيچنگ اسپتال جي پرنسپل ڊاڪٽر ذوالفقار سومرو گهوٽڪي، پنوعاقل ۽ ميرپور ماٿيلو جي اسپتالن جو دورو ڪيو ۽ اتان جي عوام کي درپيش صحت جي سهولتن جو جائزو ورتو ۽ اسپتالن جي ايم ايس ايز سان ملاقاتون ڪري انهن کان اسپتالن ۾ درپيش مسئلن او پي ڊيز ۽ دوائن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ان موقعي تي ڊاڪٽر ذوالفقار سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ پنوعاقل جي اسپتالن ۾ عوام لاءِ صحت جون سهولتون اهي ئي مهيا ڪيون وينديون جيڪي سهولتون غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۾ مريضن کي ڏنيون وڃن ٿيون ۽ اهڙي عمل سان جي ايم سي ٽيچنگ اسپتال مان مريضن جي رش گهٽجي ويندي انڪري جو انهن مريضن کي سنڌ حڪومت پاران جي ايم سي اسپتال واريون سهولتون سندن پنهنجي شهرن ۾ ملنديون جنهن سان عوام جي تڪليفن ۽ اهنجن ۾ گهٽتائي پڻ ايندي.