پنوعاقل (رپورٽ) شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپورتحت هلندڙ ساليانا امتحان بدانتظامي جو شڪار ٿي ويا آھن، پنو عاقل ۾ شاگردن کي جعلي سلپز ملڻ جو انڪشاف، سينٽرز جي انتظاميا ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سلپس کي جعلي قرار امتحان ۾ ويهارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، شاگردن يونيورسٽي انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته فيس وٺڻ باوجود جعلي سلپس جاري ڪري سندن سال ضايع ڪيو ويو آهي، داخلا ۽ امتحاني فيسز جمع ڪرايون هيون، انتظاميا داخلا ڪوڙي قرار ڏئي ٿي ته فيسز اوڳاڙيندڙن خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي، شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان حڪومت کان نوٽيس وٺي سندن تعليم بچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.