(دولتپورصفن:پاڪ سوچ رپوٽر) تعلقي دولتپورصفن جي بحالي لاء جدوجهد ڪاميٽي دولتپورصفن ۽ مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن پاران گورنمينٽ بوائز هاء اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي دولتپورصفن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، تعلقي جي بحالي لاء زوردار نعرا هنيا ويا . اُن موقعي تي تعلقہ دولتپورصفن جي بحالي جي جدوجھد ڪاميٽي جي آرگنائيزر انجنيئر عبدالڪريم ابڙو ، عبدالحميد خان عباسي ، محمد ياسين جوڻيجو ، محمد رفيق شاه ، غلام مصطفىٰ جوڻيجو ، نبي بخش پلي ۽ ٻين چيو تہ تقريباً 90_1989 ڌاري دنيا جي عظيم ترين عورت سنڌ ڄائي محترمہ بينظير ڀٽو صاحبه جي انتھائي سياسي بصيرت ۽ بنيادي انساني حقن سندس حڪمن تحت تعلقو دولتپورصفن قائم ٿيو جيڪو تقريباً ويھ سالن تائين تعلقي ليول جي سمورن سرڪاري ڪمن ڪارن ۾ سفري سهوليتن سميت ٻين بہ ڪافي سھولتن جو بھترين ذريعو رھيو جيڪو 2008۾ ختم ڪرڻ وڏي نا انصافي ڪئي وئي ، ان دوران ڪافي سرڪاري ادارا قائم ٿيا ، ڪي ادارا اڃا قائم بہ ٿيڻا ھئا ،ان کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي شھيد ڪيو ويو، جيڪو پوري پاڪستان جي عوام سان وڏو ظلم ڪيو ويو، ان کان پوءِ تعلقو دولتپور ختم ڪري تعلقو قاضي احمد قائم ڪيو ويو، جيڪو دولتپور صفن جھڙي تاريخي شھر سان سلهاڙيل سوين ڳوٺن جي ھزارين بلڪي تقريباً لک ڏيڍ عوام سان انتھا درجي جو ظلم ۽ نا انصافي ڪئي وئي ، ڇو ته ان وڏي عوامي تعداد کي دولتپورصفن شھر تمام ويجھو ۽ قاضي احمد شھر تمام پري آھي ، تقريباً لک ڏيڍ عوام کي شھر دولت پور تمام ويجھو ۽ قاضي احمد شھر تمام پري آھي ،ان حوالي سان اڳواڻن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ ادارن کي ترقي ڏئي وڌايو ويندو آهي ته جڏهن ته اسان جي تعلقي دولتپور کي رد ڪري قاضي احمد کي تعلقو قائم ڪيو ويو جيڪو تاريخي شھر دولتپور سان لاڳاپيل عوام جي وڏي تعداد سان انتهائي درجي جو ظلم ۽ ناانصافي ڪئي وئي ان حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ، ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، سنڌ حڪومت جي وزير اعلىٰ سيد مراد علي شاھ ، فريال ٽالپر صاحبه ايم.پي اي سردار خان محمد ڏاھري جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو وڃي ٿو ته عوام جي وڏي تعداد کي سھوليتن وارو اڳيون رد ڪيل پورو تعلقو دولتپور بحال ڪري ڏنو وڃي تہ جيئن وڏي کان وڏي تعداد جي عوام کي سندن بنيادي حق ۽ سھوليتون ميسر ٿي سگھن۔