دولتپورصفن: پاڪ سوچ رپوٽر) دولتپورصفن جي ڳوٺ موزو کوکر ۾ گهريلو معاملي تان ننڍن ڀائرن طرفان وڏي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ، وڏو ڀاءُ زخمي ، جوابدار فرار ، جوابدارن جي گرفتاري لاء زخمي جي وارثن جو احتجاج. خبر موجب دولتپورصفن ڀرسان ڳوٺ موزو کوکر ۾ معمولي ڳالھ تان ننڍن ڀائرن رحمان علي کوکر ، غلام مصطفىٰ عرف رکو کوکر ۽ ٻيا جوابدار وحيد علي کوکر ۽ حاجي شريف کوکر رات جو دير سان ننڊ ستل مرتضىٰ کوکر کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، مرتضىٰ کوکر معجزاني طور بچي ويو ، جوابدارن جي گرفتاري لاء مرتضىٰ کوکر ، فيروز کوکر ، رياض کوکر ، غلام ياسين کوکر ، ذوالفقار کوکر جي اڳواڻي ۾ دولتپورصفن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . ان موقعي تي ننڍن ڀائرن هٿان زخمي ٿيل مرتضىٰ کوکر صحافين کي ٻڌايو تہ ننڍا ڀائر رحمان کوکر ۽ غلام مصطفىٰ کوکر گهريلو جي معمولي ڳالھ تان مونکي موتمار ڌمڪيون ڏيندا رهيا آهن ، مختلف وقتن تي مونسان وڙهيا آهن ، هن چيوتہ مذڪوره جوابدارن گذريل رات دير سان ننڊ ستل هئس تہ گهر ۾ داخل ٿي مونکي ڄنگهن ۽ ٻانهن مان جهلي بليٽ سان ڳلي هيٺيان جهير ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، رڙين تي گهر جا ٻيا ڀاتي سجاڳ ٿيا ، جڏهن تہ ننڍا ڀائر ۽ ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا ، معجزاني طور بچي ويس ، هن وڌيڪ چيوتہ حاجي شريف کوکر منهنجي ننڍن ڀائرن کي ورغلائي مونکي قتل ڪرائڻ چاهي ٿو ۽ انهي جي بڇ تي اهڙو واقعو ٿيو ، هن آء جي سنڌ ، ڊي آء جي شهيد بينظيرآباد ، ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد ۽ ٻين اعلىٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ دولتپورصفن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي.