گمبٽ () گمبٽ پبلڪ ھيلٿ ۽ ميونسپل ڪاميٽي انتظاميه جي بي ڌيانيءَ سبب گٽرن جو گندو پاڻي شهر جي گهٽين ۾ اٿلي پيو، شهري ۽ واپاري ڪني پاڻيءَ مان گذرڻ تي مجبور، اعليٰ اختيارين کان شهر جي مالڪي ڪرڻ جو مطالبو. خبر موجب گمبٽ انتظاميه جي لاپرواهيءَ سبب گٽرن جو گندو پاڻي شهر جي مختلف گهٽين ۾ اٿلي پيو آهي، جنهن سبب غريب آباد، مسڻ پاڙو، پير پاڙو، ڪسان ڪالوني، ميربحر پاڙو، مڊوي گلي، پراڻي مارڪيٽ سميت ٻين علائقن جون گهٽيون ۽ مختلف رستا ڪني پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن، جنهن ڪري شهري، واپاري، ملازم، مزدور توڙي گمس اسپتال ڏانهن علاج لاءِ ايندڙ ويندڙ مريض گٽرن جي گندي پاڻيءَ مان گذرڻ تي مجبور آهن. شهرين محمد ادريس سومرو، اعجاز ڦلپوٽو، قاضي عمران، آصف علي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ، ميونسپل ڪاميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي انتظاميه جي بي ڌيانيءَ سبب گٽرن جو گندو پاڻي اٿلي پوي ٿو جنهن سبب ڪنو پاڻي شهر جي مختلف گهٽين ۽ روڊن رستن تي بيهڻ روز جو معمول بڻيل آهي، ڪيترائي ڀيرا اختيارين کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن پر ان باوجود شهر ننڌڻڪو بڻيل آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير، ڪمشنر سکر، ڊي سي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته خدارا گمبٽ شهر جي مالڪي ڪري شهر مان ڪني پاڻيءَ جي نيڪال واري سرشتي کي درست ڪرائي شهرين کي صفائي سٿرائي جي بنيادي سهولت فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.