زندگي ھڪ اھڙو آسمان آھي جنھن ۾ سج وانگر روشن سک به آھن ته گرھن وانگر غير روشن ڏک به، اھڙو باغ آھي جنھن ۾ گل به آھن ته ڪنڊا به، اھڙي زمين آھي جنھن تي مفيد فصل به آھي ته بيڪار ڊب به آھن ، زندگي ھڪ اھڙو ڪتاب آھي جنھن۾ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جھڙي نيڪ سيرت واري انسان جا سبق به لکيل آھن ته يزيد جا ڪرتوت به، اھا اھڙو سمنڊ آھي جنھن ۾ ھيرا جواھرات به ھوندا آھن ته گند ڪچرو به, زندگي ھڪ اھڙو موڙ آھي جنھن جا ٻه رستا آھن جن مان ھڪ رستو غرور ، ڏڪار، انتقام ، ڇيھي، خطائن ، ڏولائن ، موھت، آفتن، بيقراري ، ڏرت ، زحمت، سياھي، آڻ، حرارت، بغاوت ، مايوسي، گمراھ ۽ ڪاوڙ جو آھي جيڪو به بشر ان رستي تي ھلندو آھي ان کان سڀ پيچ وھلور ويندا آھن ۽ ان جي چؤگرد ڪشالن ۽ تنھائي جو مانڊاڻ ھوندو آھي ، ان جي همت جھري ويندي آھي ، ڪوئي به ان سان شرڪت ڪرڻ لاء راضي نه ھوندو آھي. ٻيون رستو عظمت ، دلداري، ھمدردي ، ماڙ، خوش مزاجي، رحمدلي ، آزادي، بھادري ، اوج ، سرسي، مڃتا، مقبول ، آبادي، ڳانڍاپي، سٻاجھ ، حفاظت، ڪھل، خوشحالي، سھڪار، تدريس، جاکوڙ، اضافي، بيداري، اعزاز ، سوڀ ، آسائش، ڏاھپ، عظمت، انصاف ۽ معرفت وارو رستو آھي جيڪو به انسان ان رستي تي ھلندو آھي اھو ٻين جي لاء اکين جو ٺار ھوندو آھي، رازدان ھوندو آھي، گلاب وانگر مھڪندڙ ۽ وڻندڙ ھوندو آھي. ٿورن لفظن ۾ زندگي ھڪ اھڙي راند آھي جنھن جو ٻه منزلون آھن ھڪڙي جنت ۽ ٻي جھنم. اسان جي سماج ۾ ماڻھون غريب جي زندگي کي ان ٻني وانگر سمجھندا آھن جنھن ۾ فصل نه ٿئي، ان تصوير وانگر سمجھندا آھن جنھن۾ رنگ نه ھجن، ان وڻ وانگر سمجھندا آھن جنھن ۾ نه پن ھجن ۽ نه وري اھو ڪو ميوو ڏي ، مطلب بيڪار ۽ فضول سمجھندا آھن ۽ امير جي زندگي انڊلٺ وانگر خوبصورت، عدن وانگر موھيندڙ، پکين وانگر اڏامندڙ ۽ سج وانگر روشن سمجھندا آھن جنھن وٽ ڌن دولت آھي ته اھو راجا ۽ جنھن وٽ ڌن دولت ناھي اھو بيڪار آھي پر ماھيت ۾ ادب ، اخلاق ۽ ھمت سان زندگي گزاريندڙ ئي اصلي راجا آھي پوء چاھي اھو ڌن دولت۾ فقير ئي ڇو نه ھجي ۽ جيڪو ڊپ ۾ بي حيائي ۽ ظلم سان زندگي گزاريندو اھو بيڪار آھي پوء چاھي اھو ڌن دولت م راجا ڇو نه ھجي. اسلام مطابق زندگي ھڪ الله رب العالمين جي طرفان مليل ھڪ سنھرو ۽ قيمتي سوکڙي آھي، جيڪا الله رب العالمين جي عبادت ڪرڻ لاء اسان کي ملي آھي ، زندگي گزارڻ جو بهترين طريقو اسلامي طريقو آھي جنھن ۾ عبادت اچي وڃي ٿي ء عبادت ۾ نماز ، روزو, حج ۽ زڪوٰت آھن جن جو دارومدار توحيد تي آھي ، عبادت کانسواء زندگي ائين آھي جيئن بغير لوڻ جي بي سواد ڀاڄي ھجي ، توحيد کانسواء زندگي ان ٻوٽي وانگر آھي جنھن کي پاڙ نه ھجي ، روزي (صوم) کانسواء زندگي آئين آھي جيئن بغير پنن جي وڻ ھجي ، بغير حج جي زندگي ائين آھي جيئن گھر کي ڀتيون ھجن پر موسمياتي ھوائن کان بچڻ لاء ان تي پلستر نه ٿيل ھجي ۽ زڪوٰت کانسواء زندگي ائين آھي جيئن وڻ ھجي پر ميوا نه ڏئي، مطلب اسلام جي بنيادي عقيدن تي زندگي گزارڻ ئي حقيقي زندگي آھي. ننڍپڻ جي زندگي زبان وانگر آھي جنھن۾ ساڙ ۽ حسد جا ھڏا ناھن ھوندا . ڏھن سالن کان پندرھن سالن ارڙھن سالن تائين زندگي ريل وانگر ھوندي آھي جيڪڏھن پنھنجي پٽڙي تي ھلندي ته پنھنجي منزل ماڻيندي نه ته نقصانڪار ثابت ٿيندي، ارڙھن سالن کان پنجويھن سالن جي وچ واري زندگي چنڊ وانگر ھوندي آھي جنھن ۾ اسان ٻين کان علم ۽ تجربن جا سبق حاصل ڪندا آھيون ء وقت تي انھن کي روشني طور استعمال ڪندا آھيون، پنجويھن سالن کان چاليھن سالن واري زندگي وڻ وانگر ھوندي آھي مطلب اسان سج جي ڪرڻن جي صورت ۾ ڪشالا به برداشت ڪندا آھيون ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين کي سکن جي ڇانوَ پڻ ڏيندا آھيون، چاليھن سالن کان پوء بقا واري زندگي پوئتي گذاريل عملن جو ميوو ھوندي آھي زندگي ڏکن جو ھڪ سمنڊ آھي جنھن م برداشت، ڪس ڪسر، ھمت ۽ امن جي ٻيڙي تي اسان کي سمنڊ پار وڃڻو پوندو آھي، زندگي اھڙي صندوق آھن جنھن ۾ سکن جا لعل پيا آھن پر ان صندوق تي مشڪلن جا تالا ھوندا آھن پر الله رب العالمين اسان کي اھي تالا کولڻ لاء مضبوط حوصلن، بردباري، طھارت ۽ بھادرئ جي چاٻين سان نوازيو آھي، اسان انھن ذريعي انھن تالن کي باآساني کولي سگھون ٿا، اسان زندگي کي ڊوڙ سمجھندا آھيون پر حقيقت ۾ زندگي لومڙ وانگر سٽ سٽي، باھ ٻاري منزل ماڻڻ نه پر ڪُمي وانگر آھسته آھسته قدم وڌائي منزل ماڻڻ جو نالو آھي، زندگي ٻين جي ڪلھن تي بوجھ بڻجڻ نه پر ھيڻن جو سھارو بڻجڻ آھي، زندگي شڪ، وھم ۽ نفرتن سان نه پر يقين ، اعتماد ۽ ڀروسي سان گذارڻ گھرجي، اسان سڀين کي با ادب، امن، برداشت ، حياء، محبت، ڪس ڪسر، ڀروسي، معافي، معرفت ۽ مڃتا سان زندگي گذارڻ گھرجي ته جيئن اسان به خوش رھي سگھون ء اسان جي آسپاس وارا به اسان جي رويي مان خوش ھجن. زندگي ٻين لاء ڀنجھر بڻجڻ نه پر عينڪ بڻجڻ جو نالو آھي ڪڏھن به ڪنھن به مشڪل ۾ مايوس نه ٿيڻ گھرجي، زندگي انھن لاء ڪنڊن جي سيج آھي جيڪي ڪاوڙ ، جلد بازي ۽ مايوسي مان ڪم وٺندا آھن ۽ انھن لاء گلن جو بسترو آھي جيڪي ھمت ، حاضر دماغي ۽ برداشت سان ڪم وٺندا آھن ،
ھاڻ اھو اوھان تي دارومدار رکي ٿو ته اوھان ھمت ڪري زندگي کي عدن بڻايو ٿا يا بزدل ٿي برپٽ !