داغَ داغيندا آھن ۽ پنهنجا نشان ڇڏيندا آھن، پوءِ اُھي ڀلي چانهه جا داغَ ھجن يا عشق ۽ محبت جا، داغَ ته وري به داغَ ھوندا آھن. چون ٿا دنيا وارا صابڻ صرف داغَ صاف ڪندا آھن، ائين جيئن فيشل وارو منھن چھري کي چيپاٽيو صاف ڪري پنهنجي وصولي پوري ڪندو آهي، پر داغَ ماتا جا ڏنڀَ جا ڪي لھن. ماتا ھڪ اھڙو مرض ۽ ناسور ھو جو بيماري ڇڏي وڃڻ بعد به داغ نه لٿا تاحيات قائم رھيا. ائين ڏنڀَ معاشري جا، دوستي جا، پنھنجن پراون، وفائن ۽ جفائن جا ڪي جان ڇڏين ڏاڍو مشڪل آهي، اھا ٻي صورت آھي جو اھڙا داغَ ميسارڻ لاءِ صبر ۽ سڪون ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪي ٻيا رستا تلاش ڪجن، پر جڏھن رات آنڌي جو داغ ڏيڻ وارن جا چھرا ننڊ ۾ سامھان اچن شروع ٿين ۽ انھن جا سماج وارا ٽانڊا ٽھڪن ڀلا پوءِ آرام برباد ڪندا يا نه؟ وسارڻ سان سُک وسري ويندا آھن باقي ڏک جان ڪٿي ٿا ڇڏين جيڪي وفائن جي ويس ۾ جفائون ڪري ڏنل ھجن، پنهنجا بڻجي پراون وارا جھٽڪا ھڻن، دوستي جي روپ ۾ دوکا ۽ دشمنيون ڪري ڏسن، ھار پارائيندي پارائيندي جھڙا نانگ ۽ وڇون ٿي ڏنگ ھڻن، گفتگو ۾ ظاھري مٺاڻ، مٺائين ۽ ماکين جھڙا پر پردي پويان زھر قاتل وارن جا داغ ڀلا ڪيئن وسرن؟ سيلفيون سڀني جي سامھون ۽ مخالفتون وري پويان پس منظر جي، اھڙا ڳجھا حملا ھنئين تا ڪيئن ھٽائي سگھجن؟ درويش جا لفظ بس ڄڻ موتي داڻا، ڇا پيو چوي ڪيڏي وڏي ڳالھ ڪيئن پيو سمجھائي، افسوس اسان کي ۽ حيف اسان ٻڌڻ وارن کي جيڪي بار بار اچيو حاضر ٿيو ٻڌڻ بعد به داغ مٽائڻ ته پري جي ڳالهه پر وري وڃيو ٻين کي داغين، جتي ڳالهه محبتن جي اتي اسان وريو وڃيو نفرتن جا داغ لڳايون، اسان ڇا سمجهون اسان جي اندر ۾ بس ظاھري صابڻ رکيل آهي ان اندازي سان ته سڀ داغ لھي ويندا. پر اڄ روميءَ جي اوطاق ۾ وڃڻ بعد خبر پئي اُھي ناسوري داغَ لھڻ لاءِ ڪو وقت گھرجي، سڀ معاشري جي بدڪارين کان وٺي نا انصافين تائين داغيل ھي ويچارو سماج ڪڏھن صاف شفاف بڻبو ڪو وڏو اسپري پاور فل گھرجي جيڪي انائيت واري سڄي چمڙيءَ جي ڪا ظاھر ۽ باطن سرجري ڪري باقي ڳالهه وڏي آهي، جتي ڪارو اڇو بڻجي پيو گھمي ۽ جتي سفيد پوش ڪاراڻ کي لڪائڻ لاءِ مذھب ۽ ڌرم ۾ پيو لڪ لڪوٽيون ڪري، جتي اندر جي باھ ڪڍڻ لاءِ فوتگيون ۽ تڏن تي ويھي رنگ سياست ۽ اٽڪلون اٽڪائجن اتي وري خوشيون کاڄ ٿين، چارمنگ جي فارمنگ ۾ گھڻن طعامن کي ڏسندي ڏسندي پراڻا کاڌا به وسريو وڃن، خبر وڃي تڏهن پوي جو نون طعامن مان باس پاروٿي اچڻ لڳي، ان کان ته چلهه واري ماني بهتر آهي گھٽ ۾ گھٽ تازي ته آھي، بس اھا ماني ڳوليو جيڪا بي داغ هجي ڀلي پنهنجي چلهه تي تيار ٿيل ڇو نه ھجي، پاروٿيون پيڪينگ واريون ڍڪيل مانيون ۽ طعام سواءِ باس جي ڪجھ ڪو نه اٿئو.