رئيس درياخان رند سياسي سماجي شخصيت سانگهڙ ضلعي جي مخالفن ۾ به پنهنجو نالو روشن ڪندڙ هڪ انمول هيرو هيو پاڻ سياسي سماجي راڄوڻي حساب سان هڪ سگهارو نالو هيو سندس سياست ۾ پير پائڻ سان ئي ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي پ پ سان سلهاڙيل رهيو رئيس درياخان رند ايم آرڊي جدوجهد ۾اهم ڪردارادا ڪيو سندس شاهپورچاڪر ۾ سندس اوطاق ´بنگلو` اڄ به سياسي سرگرمين جو مرڪز آھي سانگهڙضلعي جي سياست ۾ شاهپورچاڪر ۽ مقصودي رند جو عوام سدائين رئيس درياخان رند سان محبت جو اظھارڪندو هو هنئير به رئيس درياخان رند جي اڪيلي پڳدارپٽ رئيس حقير حضوربخش سان به عوام جون محبتون آھن سندس چاه ۽ حجتون آھن اهوئي سبب آھي ته سندس اوطاقن تي ميلا متل هوندا آھن ۽ رئيس حقير حضوربخش رند جنهن به پروگرام ۾ ايندو آھي ته راڄ برداردي سميت ٻين قومن جا به گلن جون ورکا ڪري شاندار آڌر ڀاء ڪندا آھن` رئيس دلبر دريا خان رند انتهائي شريف سادو يارويس فقيري ۽ صوفي منش خيال رکندڙ ۽ پنجتن پاڪ اهلبيت جي گهراڻي سان محبت رکندڙ هيو سدائين پاڻ محبت امن ڀائيچاري جو پيغام ڏنو پاڻ سنڌ جا ڀلوڙ شاعر پڻ ھيا جنهن ۾ تخلص دلبر هيو دلبر درياخان جي شاعري سنڌ جي ناليوارن فنڪارن جلال چانڊيو فوٽو خان زرداري الهداد زرداري سميت ٻين ناليوارن فنڪارن ڳائي آھي آخر دنيا فاني آھي هر نفس کي موت جو ذائقوبه ته چکڻو آھي پاڻ 1992 ۾ وفات ڪئي سندس مزار درگاه سخي سلطان فقير جي اڱڻ ۾ ئي موجود آھي اڄ جمعي ڏينهن تي مان درگاھ سخي سلطان فقير تي زيارت لاء ويس ته رئيس درياخان رند جي قبر مٿان پيل پڙن تي نظرن پئي مون اڄ دلي طور محسوس ڪيو ته اڄ سخي سلطان فقير جي هن عقيدتمند تي ڪجھ لکجي `رئيس دريا خان رند سانگهڙ ضلعي ۾ قدآور شخصيت طور سڃاتو ويندو هيو جنهن جي مان شان رتبو عزت دشمن به تسليم ڪندا هيا سندس واقعي رئيس دريا خان رند بهادر دلير يار ويس سخي بردبهار معتبر شخصيت آھي پاڻ رئيس ۽ معتبر شخصيت هئڻ باوجود فقيري ۽ سادگي پسند پڻ هئا غريبن مسڪينن سان ملڻ سندس مالي مدد جا قصن جي اڄ به هاڪ آھي سندس بنگلا مهمانن مسافرن لاء هروقت کليل رهندا هيا پاڻ سخي مرد هئا ۽ سخي سلطان فقير جي عقيدتمندن ۾ شمارهيو سخي سلطان فقير جي ميلي مچائڻ ۾ وڏي دلچسپي هوندي هئي ۽ سچي عقيدتمندي سان سخي سلطان فقير جي عرس مبارڪ جي ڊيوٽي ڏيندا هئا پر عرس مبارڪ کان علاوه سخي سلطان فقير جي ميدان تي به مختلف ڏهاڙن تي ڪٻڊي راند منعقدڪرائي رانديگرن ۾ هزارين روپيا روڪ انعام ڏئي رانديگرن کي خوش ڪري واه واھ ڪرائي ڇڏيندا هئا انهئ زماني ۾ تفريح ۽ گهمڻ ج موقعا نه هجڻ برابر هيا نه سواري جي سهولت هئي نه روڊ نه رستا هئا اهڙي ٻوسٽ واري ماحول ۾ به رئيس دريا خان رند سدائين محبت جا ميلا مچايا رئيس درياخان رند سياست ۾ ته پ پ سان واڳيل هيا ۽ پ پ سان ئي سڄي ڄمار وفاداري نڀائي رئيس دريا خان رند´ مرحوم ` جهڙو نالو تهڙو ئي دل جو ´درياه ` هوندو هيو رئيس درياخان رند جي بنگلي تي ڪيترائي پرديسي مسافر مهمان ايندا هئا هنن کي دل جي گهراين سان آڌر ڀاء ڪندا هئا سخي سلطان فقير جي ميلي تي آيل ناليوارن ملھ پهلوانن جي رهائش کاڌي پيتي سميت جو پڻ جوڳو بندوبست ڪندا هئا رئيس دريا خان رند هڪ سنڌ جو روشن چراغ هيو اڳ ۾ به ته مون لکيوآھي ته پاڻ سخي سلطان فقير جا عقيدتمند هيا انهئي ٽائم جي گادي نشين فقير حسين بخش لاشاري سان ويجهڙائپ هوندي هئي هڪ ڏينهن ڪچھري دوران رئيس دريا خان رند چيو ته فقير سائين علم پاڪ وٽ جيڪا اولھ طرف جڳھ خالي پيل آھي اها منهنجي آھي مونکي دفن ڪجو ته فقير حسين بخش لاشاري چيو نه اها منهنجي جڳھ آھي مان انهئ جڳھ تي دفن ٿيندس آخر مختصر ته بحث وڏو هليو نيٺ آخر طئي ٿيو ته جڳھ هن کي ملندي جيڪو اڳ ۾ فوت ٿيندو رئيس درياخان رند به حامي ڀريندي چيو ته مان تھ دل سان قبول ڪريان ٿو چون ٿا ته بس ڪجھ عرصي کانپوء جلد ئي رئيس دريا خان رند 51 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو سندس آخري آرام گاه سخي سلطان فقير جي اڱڻ علم پاڪ جي اولھ طرف آھي پاڻ درويش صفت ۽ سخي انسان هئا پاڻ هڪ بهترين شاعر ھيا سندس شاعري سنڌ جي ناليوارن فنڪارن ڳائي سندس لکيل ڪلام اڄ به مشهور آھن اڄ سخي سلطان فقير جي اڱڻ تي ايندڙ عقيدتمندن علم پاڪ جي زيارت بعد پهرين رئيس درياخان رند جي مقبري تي فاتحه خواني ڪرڻ بعد سخي سلطان فقير جي درگاه ۾ زيارت لاء ويندا آهن سندس اولاد مان اڪيلو وارث پٽ رئيس حقير حضوربخش رند آھي سندس والد جي نقش قدم تي هلندي پاڻ به سخي جي پانڌئڙن ۽ عقيدمندن ۾ شامل آھن هرسال سخي جي عرس مبارڪ تي ڊيوٽي ڏئي هزارين روپيا بل پڻ ملھ پهلوانن ۾ تقسيم ڪندا آھن پاڻ پڻ شاعر ۽ اديب آھن رئيس حقير حضوربخش رند پڻ سخي مرد آھن هر غريب مسڪين مجبور ماڻھن جي وس آھر مدد ڪندا رهندا آھن رئيس حقير حضوربخش رند جو پڻ سانگهڙ ضلعي جي سياستدانن ۾ نالو شمار ٿئي ٿو پاڻ سانگهڙ ضلعي ۾ رند برادري جومعزز شخصيت ۽ چڱو مڙس آھي سندس رند برادري به رئيس حقير حضوربخش رند سان وڏي محبت ۽ چاه رکي ٿي ۽ پاڻ به رند برادري سميت مختلف برادرين ۾ هڪ مقبول شخصيت آھن بالخصوص شاهپور چاڪر ۽ مقصودورند جي حلقي ۾ رئيس حقير حضوربخش رند جو سڪو ئي هلي ٿو الله پاڪ رئيس درياخان رند کي جنت الفردوس ۾ جڳھ عنايت فرمائي ۽ رئيس حقير حضوربخش رند جي عمردراز ڪري سدائين خوش ء سلامت رکي.